Friday , April 19 2024

صحت جي سهولتن جي کوٽ، جيڪب آباد واسي رستن تي نڪري آيا

جيڪب آباد ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سول اسپتال جيڪب آباد ۾ دوائن جي کوٽ ۽ گوسڙو ڊاڪٽرن خلاف مختلف سياسي پارتين جي ايڪشن ڪميٽي پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي غير حاضري، دوائن جي کوٽ ۽ اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب مريض نجي اسپتالن جي رحم ڪرم تي آهن پر اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن.

آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي پاران ڪيل احتجاج ۾ شعبان ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سول اسپتال ۾ مريضن کي دوائون نٿيون ڏنيون وڃي ۽ نه ئي خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ڪي ماهر ڊاڪٽر موجود آهي، جنهنڪري غريب ماڻهو بي يارو مددگار آهن. جيڪب آباد سول اسپتال ۾ به مريضن کي دوائون نٿيون ڏنيون وڃن ۽ ڊاڪٽرن سرڪاري اسپتال ۾ مريضن جو علاج ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن جي نتيجي ۾ مريض نجي اسپتالن ۽ ڪلينڪس ۾ ڊاڪٽرن جي رحم ڪرم تي آهن.هنن چيو ته سرندي وارا ته نجي اسپتالن مان علاج ڪرائين ٿا بي پهچ ۽ غريب ماڻهو علاج ڪرائڻ لاءِ سرڪاري اسپتال جا سکڻا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائين  جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *