Thursday , March 28 2024

صحافي جو سوال! جلال محمود شاهه ۽ ادريس چانڊيو چڙي پيا

ايس يو پي اڳواڻ جون صحافي کي ڌمڪيون

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاران وڪري بعد ڊاٿل تاريخي حيثيت رکندڙ حيدر منزل واري پلاٽ تي گهڻ ماڙ عمارت جي افتتاح بعد پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران سينئر صحافي قاضي آصف جلال محمود شاهه جلال محمود شاهه کان سوال ڪيو ته، ڇا اوهان هي پريس ڪانفرنس حيدر منزل ڊاهڻ جي حمايت ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهيو؟ صحافي جي اهڙي سوال تي جلال محمود شاهه ڪاوڙجي پيو، هن سوال جو جواب ڏيڻ بدران ابتو صحافي کان سوال ڪيا ۽ چيو ته، ”اوهان ڇا ٿا چئو، اوهان ڇاجي بابت سوال ٿا ڪيو؟“

”اوهان ڪهڙي مقصد لاءِ سوال ڪيو؟“

”مان چوان ٿو ته مون پنهنجي شئي وڪي آهي ۽ هن کي (بلڊر ڏانهن اشارو ڪندي) وڪي آهي، اوهان عجيب غريب سوال ڪري رهيا آهيو؟“

”اهڙي سوچ جي مذمت ڪيون ٿا، جيڪي اهڙا سوال ڪن ٿا، اسان جي ذاتي ملڪيت تي به سوال ٿا ڪيو، مون کي پنهنجي سوال جو مقصد ٻڌايو؟؟“

ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ ادريس چانڊيو به انتهائي ڪاوڙ ۾ چيو ته، اسان حيدر منزل جي پراپرٽي کي يوٽيلائيز ڪيون ٿا، هن ڌمڪي واري انداز ۾ چيو ته اسان  سڌو ڪنداسين سڀني کي، هنن پيپلز پارٽي جي ڪرپشن وارن ماڻهن کي  ڏسي وٺنداسين، ڪنهن به صورت ۾“.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *