Friday , March 29 2024

شگر ملاز چالو ڪرايو يا انهن کي عدالتي تحويل ۾ ورتو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

ڪراچي( بيورو چيف سنڌ سماءَ چار) مقرر وقت گذري ويو آهي پر سنڌ ۾ شگر ملز اڃا تائين چالو ناهن ٿي سگهيون عدالت ملز چالو ڪرائڻ جو حڪم ڏئي يا وري شگرملز کي تحويل ۾ ورتو وڃي. اهڙو موقف اختيار ڪيو آهي ويو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل آئيني درخواست ۾. سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪمند جا اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري، زراعت سيڪريٽري ۽ ڪين ڪمشنر کي 29 نومبر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. آبادرگارن پاران وڪيل مريد علي شاهه معرفت ڪمند جا اگهه مقرر ٿيڻ ۽ شگر ملز نه هلائڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پنجاب ۾ ڪمند جو 180 رپيا في مڻ اگهه مقرر ڪيو ويو پر سنڌ ۾ اگهه مقرر نٿا ڪيا وڃن، جنهنڪري لکين ايڪڙن تي پوکيل ڪمند جو فصل سکي رهيو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ ۾ تقريبن 25 شگر ملز بند آهن، شگر ملز هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي، ان تي عمل نه ڪندڙن جون ملز تحويل ۾ ورتيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *