Friday , March 29 2024

شگرملز مالڪن ڪمند جو سرڪاري اگهه ڏيڻ کان کُتو جواب

ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) شگرملز مالڪن جي تنظيم پاسما ۽ آبادگارن وچ ۾ ٽيون ڀيرو ٿيل ڳالهيون به ناڪام ٿي ويون، شوگر ملز مالڪن پاران ڪمند جو سرڪاري مقرر ڪيل اگهه 182 رپيا ڏيڻ کان کتو جواب ڏيندي 153کان 160 رپيا في مڻ ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، جنهن کي آبادگارن قبول ڪرڻ کان جواب ڏيندي چيو آهي ته هاڻي ڳالهيون نه ٿينديون ۽ فيصلو سنڌ هائي ڪورٽ ڪندي. ڪراچي ۾ زراعت واري صوبائي وزير سهيل انور سيال جي سربراهي هيٺ پاسما ۽ آبادگارن وچ ۾ ٽيون ڀيرو ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾ آبادگار اڳواڻن قبول محمد کٽياڻ، زاهد ڀرڳڙي، محمود شاهه، جڏهن ته پاسما پاران عاصم غني، اسلم فاروق، حسين باواني، سيڪريٽري زراعت ساجد جمال ابڙو، ڪين ڪمشنر آغا ظهير الدين ۽ شگر ملز مالڪن جي وڪيل جمشيد احمد شرڪت ڪئي.

شوگر ملز مالڪن ڪمند جو اگهه 153کان 160 رپيا في مڻ ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا آبادگار اڳواڻن رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ ٽيون ڀيرو ٿيل ڳالهيون به ناڪام ٿي ويون. آبادگار اڳواڻن چيو ته هاڻي ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، عدالت جيڪو فيصلو ڪندي اهو قبول هوندو. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي آبادگارن سان گڏجي ڪمند جو اگهه مقرر ڪري 25 جنوري تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *