Thursday , April 18 2024

شگرملز مالڪن جي زيادتين ۽ سنڌ سرڪار جي ڪن لاٽار خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، شاهپور جهانيان ۾ ڌرڻو جاري

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سنڌ سرڪار شگر مل مالڪن  کي ڪمند جي سرڪاري اگهه تي عمل  ڪرائڻ بدران آبادگارن ۽ سندن حقن ۾ ڪيل احتجاج روڪرائڻ لڳي، آبادگارن جي حمايت ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن تي به سنڌ سرڪار ڏمرجي پئي، ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاجي ريلي تي پوليس جي لٺ بازي، واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيدڙ گئس جو جي استعمال سبب ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا. آبادگارن جا مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري رهي. شاهپور جهانيان ۾ زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري رهيو.

پي ٽي آءِ  جو به حيدرآباد کان ڪراچي تائين مارچ مختلف هنڌن تي رستا روڪ باوجود ڪراچي پهچي ويو، پي ٽي آءِ جي ريلي کي ميٽرو پول وٽ روڪيو ويو. شوگر ملز مالڪن پاران ڪمند جي سرڪاري اگهه تي نقصان ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي پيڙائي جي سيزن مقرر مهيني آڪٽوبر بجاءِ ٽي مهينا گذرڻ باوجود جنوري ۾ به شروع نه ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ پاران ورلڊ سادات اتحاد جي مرڪزي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه، سعود فاروقي ، اصغر نوناري، لالا حسن پٺاڻ، اقبال نظاماڻي جبار ميمڻ سيد بدر شاھ ، محمد آچار گوپانگ جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن آبادگارن ۽ هارين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪمند جي پيڙهائي 10 آڪٽوبر تي ڪئي ويندي آهي پر جڏهن کان سنڌ سرڪار جي آشيرواد سان آصف زرداري جي فرنٽ مين انور مجيد جو اومني گروپ سنڌ جي شوگر ملن جو مالڪ بڻيو آهي.

تڏهن کان هنن سنڌ جي زراعت جي اهم آبادي ڪمند جي آبادگارن کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ڏوڪري ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران آبادگارن ۽ هارين کي ڪمند جا صحيح اگهه نه ملڻ خلاف مرڪزي صدر ڪامريڊ گلاب پيرزادو، ڪامريڊ ٺارو ماڇي، انور ڏنگڙائي ، جمن شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي هارين ۽ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، ڦلجي اسٽيشن ۽ ڀرپاسي ۾ سوين ايڪڙ ڪمند سڪڻ لڳو، نيو دادو شگر مل نه هلي، ڦلجي اسٽيشن ۽ ڀرپاسي جي آبادگارن غلام مصطفيٰ پنهور، محمد هارون کوسو، عمران علي آرائين، نور محمد سيال، نظام الدين چانڊيو، بخشل ملاح ۽ ٻين حيدر چوڪ تي ايوان صحافت اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته اسانجو ڪٽائي ٿيل ڪمند سڪي رهيو آهي، دادو شگر ملز پيارو ڳوٺ انتظاميا پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، مل کي ڪيترن ئي ڏينهن کان بند ڪيو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته، مل ٻاهران ڪمند جون گاڏيون ڀريون بيٺيون آهن پر ملز انتطاميا پنهنجي من مستي ڪري رهي آهي، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي پاران شگر ملون نه هلائڻ، آبادگارن کي مناسب ڪمند جو اگھه نه ڏيڻ ۽ ڪراچي ۾ استادن تي پوليس تشدد خلاف ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي، ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ مٺا خان لاشاري، ضلعي صدر بلاول لاشاري، گهنور خان زئور، شاھ محمد چانگ، صاحب خان کوسو، عبدالرئوف بروهي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سيد زين شاه، وفاقي وزير غلام مرتضى جتوئي جي ٻن فرزندن راضي خان جتوئي ۽ بلاول خان جتوئي، سنڌ  آبادگار بورڊ جي مرڪزي صدر عبدالمجيد نظاماڻي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر خان سومرو،قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري مير جوکيو، آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ولي محمد جوکيو، علي نواز انڙ، غلام مصطفىٰ گائينچو، پي، ٽي، آئي ڊاڪٽرس فورم جي مرڪزي صدر عبدالوحيد انڙ، پي،ٽي،آئي اڳواڻ ڪاظم شاھ، ن ليگ ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ نازو ڌاريجو، سنڌ نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ بلاول ڏاهري، پ،پ اڳواڻ علي رضا چانڊيو، بهار خان مري، ڊاڪٽر سرور ٻڳهيو، خياري شريف درگاھ جي گادي نشين  جي سيد شفقت شاھ، فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد زاهد حسين شاھ، آصف علي شاھ جيلاني سماجي اڳواڻ منٺار ڏاھري ربنواز ڏاھري، قاسم ٻگھيو ۽ ٻين تنظيمن قومي عوامي تحريڪ، جسقم، ايس يو پي، تحريڪ انصاف، ن ليگ، پ،پ، سنڌي ادبي سنگت سميت هزارين ماڻهن شاهپورجهانيان وچ شهر باب جهانيان اڳيان قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ هزارين گاڏين جون قطارون بيهي ويون، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي آبادگار ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن هزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي چيوته انتهائي بيحسي آهي جو 3 مهينا گذري چڪا آهن پر شگر ملز انتظاميا پنهنجي هوڏ تي برقرار آهن، آبادگارن جو سڄي سنڌ ۾ اها واحد معيشت آهي جيڪا ملز انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت طرفان معيشت تباھ ڪرڻ تي آهن، سنڌ حڪومت ۽ ملز انتظاميا هڪ هٽي ڪري آبادگارن برباد ڪرڻ تي آهن، اڄوڪو ڌرڻو شاهپورجهانيان شگر ملز کي ڪهڙي حالت ۾ به تسليم ڪرڻو پوندو، هنن مطالبو ڪيوته جيستائين آبادگارن جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا ايستائين ڌرڻو جاري رهندو، هوڏانهن اڻوندڙ ڪنهن واقعي کي روڪڻ لاءِ پوليس اٽالا موجود هئا.

ڪمند جو مناسب اگهه نه ملڻ ۽ شگرملون نه هلڻ واري عمل خلاف پي ٽي آءِ جي حيدرآباد کان سي ايم هائوس طرف ريلي، پي ٽي آءِ ڪارڪن ڪنٽينر ۽ بئرير هٽائي ڪراچي طرف روانا ٿي ويا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ريلي ۾ عورتن سميت ڪارڪنن جي هٿن ۾ ڪمند کنيل هو، جيڪي حڪمرانن خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا. پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان آبادگارن کي ڪمند جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف سي ايم هائوس اڳيان ڌرڻو هڻڻ لاءِ حيدرآباد جي ڀٽائي نگر واري علائقي مان حليم عادل شيخ، علي جوڻيجو، چنيسر آريسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڄامشورو روڊ تان نڪتل ريلي کي قاسم آباد باءِ پاس، مهراڻ پل، نسيم نگر پوليس چوڪي، ٽول پلازه ۽ ٻين هنڌن تي ڪنٽينر بيهاري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پي ٽي آءِ ڪارڪنن مزاحمت ڪندي ڪنٽينرن سميت سمورن رڪاوٽن کي هٽائي ڇڏيو، ڄامشورو ٽول پلازه وٽ پوليس طرفان گاڏين کي بيهاري ٽائر ڪڍيا ويا، جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن گاڏين جا ٽائر هڻي کين روانو ڪيو ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن ريلي جي صورت ۾ ڪراچي طرف روانا ٿي ويا، ريلي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت مسلسل آبادگارن سان زيادتيون ڪندي کين ڪمند جو مناسب اگهه ڏيارڻ واري نوٽيفڪيشن تي عمل ناهي ڪرائي رهي، جڏهن ته احتجاج ڪرڻ تي آبادگارن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي زراعت کي هٿ سان تباهه ڪري رهي آهي پر سنڌ حڪومت ۽ زرداري ليگ جي اهڙي سازش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. آبادگارن کي ڪمند جو سرڪاري اگھه نه ملڻ خلاف پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن پاران آبادگارن سان يڪجهتي جي اظهار طور پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران ڪراچي پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ويو. جنهن کي ميٽروپول وٽ پوليس روڪي ورتو. ان دوران پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ ٿي. ۽ ڪارڪنن پوليس توڙي سرڪار خلاف نعريبازي ڪئي. جڏهن ته پوليس سي ايم هائوس ڏانهن ويندڙ رستو بلاڪ ڪري ڇڏيو. پوليس پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر سميت ڪيترائي ڪارڪنن گرفتار ڪري ورتا.جن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، ڪارڪن ميٽرو پول وٽ عارف علوي جي اڳواڻي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …