Friday , March 29 2024

شڪارپور ۾ بدامني جي باهه، لوڪ فنڪار جگر جلال سميت 5ڄڻا اغوا

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي انتظامي لاپرواهي، شڪارپور پوليس ڪمان بنا هلندڙ

خانپور (رپورٽر سنڌسماءَچار) بدامني جي باهه ۾ سڙندڙ شڪارپور جي ڳڙهي تيغو واري مان لوڪ فنڪار جگر جلال، پٽ، ڀائٽيي ۽ ٻن ساٿين سميت اغوا ٿي ويو آحي، پوليس سڄو ڏينهن گذرڻ باوجود واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۾ به ناڪام ٿي وئي آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس ساڻن ڪو به سهڪار نه پئي ڪري، اغوا ٿيل پنجن ڄڻن کي بازياب ڪراڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ايف آءِ آر يا اين سي به داخل نه پئي ڪري. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي انتظامي لاپرواهي جي نتيجي ۾ شڪارپور جي بنا ڪمان (ايس ايس پي کانسواءِ) جي هلندڙ شڪارپور ضلعي جي خانپور واري علائقي جي ڳڙهي تيغو واري علائقي مان هٿياربند لوڪ فنڪار جگر جلال، سندس پٽ پُٽ آفتاب، ڀائيٽيي امير علي، سازندي عبداللطيف تنيو ۽ ڊرائيور بهادر علي کي اغوا ڪري ويا آهن. پوليس اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي تڪليف ناهي ڪئي. پوليس موجب جگر جلال کي ايزي پئسا موڪلي ڪچي واري علائقي ۾ ڳائڻ لاءِ گهرايو ويو هو، جتي کين مغوي بڻايو ويو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، کانئن پُڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. جگر جلال جي وارثن جو چوڻ آهي تهجگر جلال رات جو شڪارپور ۾ هڪ شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي، رات دير سان واپسيءَ تي کيس ساٿين سوڌو شڪارپور ڀرسان اغوا ڪيو ويو آهي. جگر جلال سان گڏ اغوا ٿيلن ۾ ڍولڪ نواز، بانسري نواز ۽ ڊرائيور به شامل آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته جگر جلال جو موبائيل فون بند ملي رهيو آهي، اهڙو موقف ڏيڻ کان وڌيڪ پوليس وڌيڪ ڪا ب ه تڪليف ناهي ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *