Friday , April 19 2024

شڪارپور ۾ ڌاڙيلن جو راڄ،سنڌ پوليس لاچار بڻيل،ڳڙهي تيغو ۾ ڊي ايس پي شهيد

ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام، ڊي ايس پي شهيد

شهيد ڊي ايس پي هڪ ڏينهن اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي

خانپور/مدئجي (رپورٽرز   سنڌسماءَچار)  شڪارپور ضلعي ۾ سنڌ پوليس ڏوهارين آڏو بيوس ۽ لاچار بڻيل نظر اچي رهي آهي، ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن اسٽيٽ قائم ڪري ورتي آهي، لوڪ فنڪار جگر جلال جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران پوليس روايت برقرار رکندي هڪ ڊي ايس پي کي شهيد ڪرائي واپس موٽي وئي آهي، پوليس اختيارين پاران پوليس جي ڪچي ۾ موجودگي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. شڪارپور پوليس پاران فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيلن جي فائرنگ دوران ڊي ايس پي خانپور شهيد ٿي ويو، جنهن کانپوءِ پوليس ڪجهه وقت تائين فائرنگ ڪرڻ بعد واپس رواني ٿي وئي. پوليس جي دعوايٰ موجب مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ته اوچتو ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو، جنهن بعد پوليس جو ساڻن مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله ۽ نجي گن مين بابر شاهه سخت زخمي ٿي پيا.

پوليس جي دعويٰ موجب زخمي ٿيل ڊي ايس پي ۽ سندس ذاتي محافظ کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي عولاج جون بهتر سهولتون ه هجڻ ڪري ٻنهي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال شڪارپور نيون ويو، جتي ڊي ايس پي زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمي بابر شاهه سي آءِ اي انچار ايوب ڊوگر جو نجي گن مين آهي. پوليس جي دعويٰ موجب ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ته روڪيو ويو آهي پر وڏي انگ ۾ پوليس نفري اتي موجود آهي، ان جي ابتڙ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي ايس پي جي شهيد ٿيڻ بعد پوليس ڌاڙيلن خلاف آپريشن ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ۽ سموري نفري کي واپس گهرايو ويو آهي.

صوبائي  وزير امتياز شيخ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو جگر جلال جي اغوا کان انڪار

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *