Thursday , March 28 2024

شڪارپور پوليس جو وزيرستان واسي 2 ڄڻا بازياب ڪرائڻ لاءِ آپريشن، 3 پوليس اهلڪار شهيد

شڪارپور / سکر( رپورٽرز    سنڌسماءَچار) شڪارپور پوليس جو ڪچي ۾ آڦريشن ڌاڙيلن جو اي پي سي چين تي حملي ۾ 3 پوليس اهلڪار  شيد، 4 جوابن زخمي، ٿي پيا، پوليس پاران 6 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ، ڌاڙيلن پوليس جي اي پي سي، شهيد ۽ زخمي اهلڪارن جا هٿيار ۽ بلٽ پروف جيڪيٽون به ڦري ورتيون، رات دير تائين وڏي  وزير ۽ آءِ جي سنڌ طرفان ڪو به بيان جاري نه ٿيو. شڪارپور پوليس ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آچر ڏينهن وزيرستان واسي ٻن ڄڻن ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ته ڌاڙيلن پوليس  مٿان جديد هٿيارن سان حملو ڪيو ويو، مقابلي دوران ڌاڙيلن جديد هٿيارن سان پوليس آرمرڊ پرسنل ڪيريئرز ( ايپ ي سي) تي حملو ڪري پوليس جي ٽن جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. شهيدن ۾ منور جتوئي، سعيد مهر ۽ حفيظ مهر شامل آهن، حملي جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار زخمي به ٿي پيا. ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جي حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ واري مامري کي پوليس چئن ڪلاڪن تائين لڪائيندي رهي، نيٺ اي پي سي اندر بچي ويل زخمي اهلڪارن پاران وڊيو ٺاهي ڪجهه ماڻهن کي واٽس ايپ ڪئي وئي جتان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن کانپوءِ پوليس جوانن جي شهادت واري خبر ميڊيا تي سامهون آئي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ جي صحافين کي به پوليس اهلڪارن جي شهادت جي ترت خبر پئجي وئي هئي پر پوليس جي معرفت اها خبر لڳ ڀڳ چئن ڪلاڪن تائين لڪائي وئي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *