Friday , April 19 2024

شڪارپور پوليس جي ڪراچي ۾ ڪارروائي، سردار تيغو خان تيغاڻي گرفتار، دهشتگردي جو ڪيس داخل

سردار تيغو خان تيغاڻي خلاف ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

ٻن پٽن، هڪ ڀائيٽي سميت 9 ڄڻن سان گڏ گرفتار ڪيل سردار تيغو خان تيغاڻي کي ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪري راهداري رمانڊ وٺڻ بعد شڪارپور منتقل ڪيو ويندو

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) شڪارپور ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪري سردار تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سندس ٻه پٽ ۽ هڪ ڀائيٽي کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، سردار تيغو خان تيغاڻي خلاف شڪارپور جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس به داخل. گذريل ڏينهن شڪارپور جي ڪچي ڳڙهي تيغو ۾ مغوين جي بازيابي دوران پوليس آپريشن ۾ ڌاڙيلن جي حملي سبب شهيد ٿي ويل ٽن پوليس اهلڪارن جي شهيد ۽ چئن جي زخمي ٿيڻ واري سانحي کانپوءِ سنڌ پوليس سخت ڪارروايون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن، ان سلسلي ۾ شڪارپور پوليس ڪراچي ايسٽ ضلعي جي پوليس جي مدد سان گلستان جوهر واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري سردار تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس ڪارروائي دوران سردار تيغو خان تيغاڻي کي سندس ٻن پٽن ۽ هڪ ڀائيٽيي کي به گرفتار ڪيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار تيغو خان تيغاڻي، سندس پٽن ۽ ڀائيٽي کي عدالت ۾ پيش ڪري سندس راهداري رمانڊ وٺي شڪارپور منتقل ڪيو ويندو.

سردار تيغو خان تيغاڻي خلاف شڪارپور جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي سردار تيغو خان تيغاڻي خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ( 7-اي ٽي اي ) دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويان، پوليس ذريعن موجب دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ سان جوابدارن جي تڪڙي ضمان نه ٿيندي انڪري شڪارپور ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ سهنجائي ٿيندي. پوليس ذريعن موجب گذريل رات ڪچي ۽ پڪي جي مختلف علائقن مان 20 کن وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو آهي، جن کان پڇاڳاڇا هلندڙ آهي.

شڪارپور ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت، 3کان 4 ڪلاڪ خبر ڪيئن لڪائي وئي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *