Saturday , April 20 2024

شڪارپور ضلعي ۾ ڦرون، اغوا ۽ قتل ڪير ٿو ڪرائي، ايس ايس پي سڀ ٻڌائي ڇڏيو

شڪارپور ضلعي اندر ڦرن، ڌاڙن، قتل ۽ ٻين ڏوهن ۾ سياستدان، وڏيرا ۽ چڱامڙس ملوث آهن، ميڊيا به صحيح رپورٽنگ نه ٿي ڪري: ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان جو انڪشاف

شڪارپور( خاص نمائندو  سنڌ سماءَ چار) ”ضلعي اندر، اغوائن، ڦرن، قتل غارت سميت سمورن ڏوهن ۾ سياستدان، وڏيرا، چڱامڙس ۽ خود پوليس موث آهي“، اهو ڪنهن عام ماڻهو جو نه پر ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان چيو آهي. شڪارپور پريس ڪلب ۾ صحافين ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه دوران، ايس ايس پي شڪارپور چيو ته، شڪارپور ضلعي ۾ قتل، ڦرون، اغوائن سميت سمورن ڏوهن ۾ سياستدان، پوليس، وڏيرا ۽ چڱا مڙس ملوث آهن، ميڊيا به انهن بابت صحي رخ ۾ رپورٽنگ نه پئي ڪري. شڪارپور پريس ڪلب صحافين سان ڳالهائيندي ايس ايس پي شڪارپور وڌيڪ چيو ته، جڏهن به ڏوهارين خلاف ڪو آپريشن يا ڪٿي ڪا ڪارروائي ڪجي ٿي ته ڏوهارين کي اڳواٽ ئي خبر پئجي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڏوهاري فرار ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ  ساڳيا پوليس اهلڪار خاناپوري ڪن ٿا. ڊاڪٽر رضوان جو چوڻ هو ته شڪارپور ضلعي ۾ مقرر پوليس آفيسرز۽ اهلڪارن جي اڪثريت جون واسطو هن ئي ضلعي سان آهي، اهي وري هتان جي سياستدانن جا مقرر ڪرايل آهن انهن پوليس وارن جو وڏن بنگلن وارن سان گهرو واسطو آهي ۽ انهن بنگلن جون حاضريون به ڀرين ٿا.

ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان صحافين سان ٿيل کليل ڪچهري دوران ڳالهائيندي چيو ته، ضلعي جي سمورن ٿاڻن مان ڪنهن هڪ به ٿاڻي جو اهڙو هڪ به ايس ايڇ او ناهي، جنهن مان بهتري جي اميد ڪجي، اهو ڪارڻ آهي جو انهن جا ڏوهارين سان واسطا هجڻ سبب ڏوهارين  خلاف ڪا به ڪارروائي ڪامياب نه ٿي ٿئي. ضلعي ۾ ڏوهن تي ضابطي آڻڻ لاءِ آءِ جي سنڌ کان ٻين ضلعن مان پوليس فورس ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن تي اڃا ڪو به جواب ناهي مليو، جيڪڏهن ڪراچي کي ڏوهارين کان پاڪ ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ شڪارپور ته ڪجهه به ناهي.  ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد رضوان چيو ته، موٽرسائيڪلز جي ڦرن جا واقعا عام ٿين ٿا پر موٽرسائيڪل ڦر ٿيڻ جي ڪجهه ڏينهن بعد پوليس اهلڪار ئي متاثرن کان پئسا وٺي اهي واپس ڪرائين ٿا ۽ اهي متاثر وري انهن کي هار به پاران ٿا، ايس ايس پي ميڊيا تي به ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته، هنن سمورين ڳالهين جي ڄاڻ هجڻ باوجود ميڊيا به خاموش آهي، اها به صحيح رخ ۾ رپورٽنگ نه ٿي ڪري.

هن پروگرام هلندي جڏهن ايس ايس ڳالهائڻ شروع ڪيو ته شروعاتي رورايتي تقرير بعد هن ڪئميرائون بند ڪرائيندي چيو ته اڄ آءُ ڪجهه دل کولي حقيقتون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *