Wednesday , April 24 2024

– شڪارپور۾ راندين جو هفتو، هاڪي سميت مختلف راندين جا مقابلا جاري -هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ ڪئمپ قائم

Rahib Sheikh 1

شڪارپور: چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي پاران هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ شهر اندر پاڻيءَ جون سبيلون لڳايون ويون

شڪارپور شهر ۾ سنڌ حڪومت جي هدايتن تي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي بابر احمد سني سنجراڻي پاران شڪارپور شهر اندر شهرين کي هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ پاڻيءَ جون سبيلون قائم ڪيون ويون آهن ان سلسلي ۾ شڪارپور شهر جي لکيدر گهنٽه گهر، رستم چوڪ، اسٽورٽ گنج، بس اسٽينڊ ۽ ٻين جڳهن تي ٿڌي پاڻي جون سبيلون قائم ڪيون ويون آهن جتي شهرين کي ٿڌو پاڻي پيئاريو پيو وڃي.

شڪارپور۾ راندين جو هفتو، هاڪي سميت مختلف راندين جا مقابلا جاري

Rahib Sheikh 2

راندين واري کاتي حڪومت سنڌ طرفان شڪارپور ۾ هلندڙ اسپورٽس فيسٽيول 2017 جي سلسلي ۾ قومي راند هاڪي ۽ ڪراٽي جا مقابلا، ڪاميابي ماڻيندڙ رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويا. سنڌ جي واري کاتي حڪومت سنڌ طرفان شڪارپور اسپورٽس فيسٽيول 2017 جي سلسلي ۾ مختلف راندين جا مقابلا هلندڙ آهن.

گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول لکيدر شڪارپور ۾ ڪراٽي جا مقابلا ڪرايا ويا جنهن ۾ جمناسٽڪ، بريڪنگ ۽ فائيٽنگ جا مقابلا ڪرايا ويا جنهن پروگرام جو مک مهمان سيد محمد شاهه تعلقه ايجوڪيشن آفيسر هو جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ پروفيسر وزير علي مهر، شعيب سومرو، ناظم الدين ڏهر، ڊي او اسپورٽس اعجاز کوکر، سائين فقير حسين هڪڙو، صبيب سرور سومرو، شڪارپور بچايو تحريڪ جي چيئرمين ايڊووڪيٽ اصغر علي پهوڙ ۽ وزير علي مهر هئا. مهمانن کي ڪراٽي راند جي آرگنائيزر هدايت الله مهر مهمانن کي آجياڻو ڏنو.

راندين جي هفتي دوران جمعي ڏينهن فائيٽنگ جا مقابلا ڪرايا ويا، جنهن ۾ پهرين پوزيشن ماڻيندڙ عطاءُ الله مهر، ٻي پوزيشن فراز احمد، ٽئين پوزيشن ساجد علي پهوڙ حاصل ڪئي.

بريڪنگ مقابلن ۾ پهرين پوزيشن ڪريم بخش ڀٽو، ٻئين پوزيشن ضمير مارفاڻي ۽ جمناسٽڪ مقابلن ۾ پهرين پوزيشن آزاد علي ۽ جونئير ڪلاس ۾ جنيد احمد بغدادي، ٻئين نمبر تي حيدر جان، ٽيون نمبر ڪبير ڀٽو، چوٿون نمبر اصغر دايو، پنجون نمبر عبدالجبار ۽ ڇهون نمبر ابوذر عباسي حاصل ڪئي

تقريب کي خطاب ڪندي گميز جي آرگنائيزر ۽ ٻين چيو ته اسپورٽس منشيات خلاف جهاد آهي، هن معاشري ۾ جيڪي نوجوان راند روند سان دلچسپي رکن ٿا اهي نوجوان ڪنهن به برائي ۾ نه ويندا. رانديون صحمت مند معاشري لاءِ ضروري آهن، اسپورٽس جا شاندار مقابلا ڏسي خوشي ٿي آهي اهڙي قسم جا مقابلا هر ٽن مهينن ۾ حڪومت کي ڪرائڻ گهرجن، جيئن شڪارپور جا نوجوان غلط ڪمن کان بچي سگهن ۽ نوجوان سنڌ ۽ بلوچستان ليول تي پنهنجي پرفارمنس ڏيکاري سگهن. آخر ۾ مهمانن هٿان ڪامياب رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويا ٻئي طرف پاڪستان جي قومي راند هاڪي جا مقابلا ٿيا جنهن جو مک مهمان ٽائون ڪاميٽي ڳڙهي ياسين جو چيئرمين آغا شجاع خان دراني ۽ اعزازي مهمان خاص پريس ڪلب شڪارپور جو صدر سوڍو جيمس، ڊي او اسپورٽس اعجاز احمد کوکر، فقير حسين هڪڙو، لالا اسد پٺاڻ، استاد عبدالوهاب ڪاغذي، عبدالرحمان عرف ڏاڏو پٺاڻ به شامل هئا، پروگرام جي آرگنائيزر آغا عبدالرئوف آيل سمورن معزز مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا، هاڪي جي فائينل مقابلو ڀٽائي هاڪي ڪلب ۽ جنون هاڪي ڪلب ۾ ٿيو جنهن ۾ سخت مقابلي بعد 2  جي مقابلي ۾ 3 گولن تان ڀٽائي هاڪي ڪلب کٽي ورتو جنهن ۾ هادي بخش ملاڻو ٽاپ اسڪورر رهيو جنهن کي مهمان خاص اسپيشل تحفا ڏنا ان کان علاوه رياض علي بهتري رانديگر جو اعزاز ماڻيو، عزيز لاشاري، رياض کوسو ۽ طفيل سنجراڻي کٽيندڙ ٽيمن مان هڪ هڪ گول اسڪور ڪيو جڏهن ته عامر ۽ ڀائو عرفان هارائيندڙ ٽيم مان صرف هڪ هڪ گول اسڪور ڪري سگهيا، کٽندڙ ٽيم جي ڪپتان محمد اسماعيل بروهي ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان عرفان سومرو کي مهمان خاص آغا شجاع دراني ٽرافيون ۽ انعام ڏنا، هاڪي جي فائينل مئچ کي سپروائيز ڪرڻ لاءِ جيڪب آباد کان ڪهي آيل بشير احمد جمالي، امداد حسين ۽ طفيل احمد امپائر جا فرائض سرانجام ڏنا جن کي به مهمان اجرڪ جا تحفا ڏنا.

About Asghar Azad

Check Also

ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1020 ٿي ويو

 سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 1020، پنجاب ۾2040 ٿي ويو پاڪستان ۾ مريضن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *