Wednesday , April 24 2024

شيربانو رحمٰن سينيٽ جي پهرين عورت اپوزيشن ليڊر بڻجي وئي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار نيور) پ پ جي سينيٽر شيربانو رحمان عرف شيري رحمٰن (شيربانو حسن علي الرحمان) پاڪستان اعليٰ /مٿئين ايوان سينيٽ آف پاڪستان جي پهرين عورت اپوزيشن ليڊر جو رتبو حاصل ڪري ورتو آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي منظوري بعد شيربانو رحمان جي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ / اپوزيشن ليڊر طور نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. شيري رحمان سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ مقرر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي آفيس به سنڀالي ورتي آهي. شيري رحمان جي اپوزيشن ليڊر طور مقرري بابت سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ نيئر بخاري شيري رحمان جي مخالف ڌر اڳواڻ طور مقرري تي چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي اڪثريتي ميمبرن جي حمايت حاصل ڪئي هئي.

حسن علي رحمٰن 

شيربانو حسن علي رحمٰن جيڪا شيري رحمٰن جي نالي سان مشهور آهي، ڪراچي ۾ ناليواري قانوندان، تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر حسن علي رحمٰن جي گهر ۾  21 هين ڊسمبر 1960 تي پيدا ٿي. حسن علي رحمٰن ان وقت جي حڪمرانن سان سنڌ يونيورسٽي جي مختلف معاملن ۽ اجائي سياسي ۽ انتظامي مداخلت وارن عملن جو مقابلو ڪندو رهيو. نيٺ مجبور ٿي هُن پنهنجي اصولن تي رهڻ پسند ڪيو ۽ وائيس چانسلر جي عهداي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. کيس سنڌ جي تعليمي ماهرن ۾ سٺو مقام حاصل رهيو/آهي. ورهاڱي کان اڳ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن/شهرن جي مختلف  تعليمي ادارن جي قائم ڪرڻ ۽ انهن کي هلائڻ ۾ سندس والد ۽ خاندان جو هٿ رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *