Tuesday , April 23 2024

شيخ رشيد پاران عاشورن دوران ڪرونا ڪيسز وڌڻ جوخدشو ظاهر

 

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد عاشورن دوران ڪرونا وائرس پکڙجڻ ۽ ڪيسز وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪندي شيعا عالمن ۽ عزادارن کي اپيل ڪئي آهي ته اين سي او سي جي  هدايتن تي عمل ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرور وزير شيخ رشيد چيو ته ڪرونا جي وبا موجود آهي، نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ ۾ به ڪا گهڻي گهٽتائي ناهي آئي، هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ، شاپن گ سينٽرز سميت سمورين بازارن ۾ به عوام ۽ واپاري ڪرونا کان بچاءَ لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، جنهن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.

گهرو وزير شيخ رشيد ميڊيا آڏو شيعا عالمن ۽ عزادارن کي ٻانهون ٻڌي اپيل ڪئي ته جلوسن ۽ مجلسن دوران اين سي او سي پاران ڪرونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، مهرباني ڪري انهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، شيعا عالم عزادارن کي به انهن ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ زور ڀرين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *