Wednesday , April 24 2024

”شيخ رشيد وڏو بيشرم ۽ وڏو شيطان شخص آهي”:راڻا ثناءُ الله/مشاهد الله خان

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ”شيخ رشيد وڏو شيطان آهي، 1985 ۾ ڪجهه به نه هاڻي، مختلف نالن تي ڪاروبار ڪري اربين رپين جون ملڪيتون ٺاهيون آهن، سندس ملڪيت ضبط ڪئي وڃي، کيس ضرور نااهل قرار ڏيارينداسين“، اهو چوڻ آهي نون ليگ جي اڳواڻن راڻاثناءُ الله ۽ مشاهدالله خان جو، ن ليگ اڳواڻن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌي چيو ته، شهباز شريف ديانتدار ۽ محنتي اڳواڻ آهي، شهباز شريف تي هڪ آني جي ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي. هن چيو ته 1985 ۾ شيخ رشيد وٽ ڪجهه نه هو، هاڻي ان وٽ 2 ارب رپين جي ملڪيت آهي، شيخ رشيد خلاف اسپيڪر قومي اسيمبلي کي ريفرنس موڪليو آهي، شيخ رشيد وٽ 1985ع کان پهرين صرف 4 مرلن جو گهر والد جي نالي هو، شيخ رشيد وٽ پراپرٽي جا ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن، شيخ ٻڌائي ته هو ارب پتي ڪيئن ٿيو آهي، ان وٽ ايترو پيسو ڪٿان آيو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي پراپرٽي ضبط ڪئي وئي آهي. شيخ رشيد جي به پراپرٽي ضبط ڪئي وڃي. هن چيو ته شيخ رشيد اسحاق ڊار کان 5 هزار پائونڊ 1995ع ۾ ورتا هئا، جيڪي هن واپس نه ڪيا آهن.

هنن چيو ته شيخ رشيد شيطان آهي، هن شهباز شريف خلاف الزام بازي ڪئي آهي. هنن چيو ته هن شيخ رشيد وٽ آمدني جو ڪو به ذريعو ناهي ته ان وٽ 2 ارب رپين جي پراپرٽي ڪٿان آئي، ماڻهو فون ڪري رهيا آهن ان جيڪا به شئي اڌاري ورتي اها واپس نه ڪئي، صحيح ڪرڻ لاءِ پين وٺي ٿو ته اها به واپس نه ڪندو آهي، ماڻهو گواهي ڏيڻ لاءِ تيار آهن، هن چيو ته شيخ رشيد جو طبي معائنو به ٿيڻ گهرجي، آمريڪا، برطانيا، گوجرانوالا کان فون ڪري ماڻهو شيخ رشيد جون شڪايتون ڪري رهيا آهن، ليگي اڳواڻن چيو ته ايندڙ هفتي چيئرمين نيب سان ملاقات ڪرڻ جو شيڊول ٺاهي رهيا آهيون، مخالف ڌر جون سڀ جماعتون نيب چيئرمين سان ملاقات ۾ شامل هونديون، مشاهد الله خان چيو ته سنڌ مان ته دانهون بند ٿي ويون آهن، هنن جون دانهون نڪرڻ واريون آهن، موجوده حڪومت جي اچڻ کان پوءِ ملڪي حالتون خراب آهن، شيخ رشيد سڀني سان بدتميزي ڪندو آهي، هي برقعو پائي 2 هزار وٺڻ لاءِ مصطفيَ کر وٽ ويندوهو.مشاهدالله خان جو چوڻ هو ته، اهو درست چيو پيو وڃي ته مارچ کان پهرين ٻهارو ڦرڻ وارو آهي، اها ڳالهه عمران خان جي باري ۾ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته شيخ رشيد هڪ به ٽرين نه ٿو هلائي هي سعد رفيق جي ڪمن کي پنهنجو بڻائي پيش ڪري سگهي ٿو، ملڪ ۾ کل عام ڪرپشن ٿي رهي آهي، هڪ ڏينهن هڪ ڳالهه ٻئي ڏينهن ٻئي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ٻڏي مرڻ جو مقام آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *