Saturday , April 20 2024

” شوق ناهي پر مجبورن عوامي مسئلن تي مداخلت ڪرڻي پوي ٿي“: چيف جسٽس

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار)  سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شحر جي صفائي سٿرائي بابت مڪيس جي ٻڌڻي دپوران چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته، ”ڇا ڪير اهو سمجهي پيو ته مان ٽيڪ اوور ڪرڻ جي چڪر ۾ آهيان، مداخلت ڪرڻ جو ڪو به شوق ناهي پر عوامي مسئلن سبب مجبور ٿي مداخلت ڪرڻي ٿي پوي. منهنجو اصل مقصد عوام جي مسئلن کي حل ڪرائڻ آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ۽ سينئر صحافي مظهر عباس وچ ۾ مختلف جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. چيف جسٽس، مظهر عباس کان پڇيو ته، ڇا اوها سمجهو ٿا ته مان ٽيڪ اوور ڪرڻ جي چڪر ۾ آهيان؟.

مظهر عباس جواب ۾ چيو ته، جيڪي ڪم حڪومت کي ڪرڻ گهرجن اهي اوهان پيا ڪيو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته، جيڪو ڪجهه به ڪيان پيو اهو عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ پيو ڪيان. سڄي شهر کي ڪمرشلائيز ڪيو ويو آهي، عوام جو سڪون تباهه ٿي ويو آهي، مسئلا حلڪ ڪرڻ طرف ڪير ڌيان ڏئي ئي نه ٿو.  مظهر عباس چيو ته، اوهان جي حڪمن باوجود شهر جي مخصوص علائقي ۾ گهڻ ماڙ عمارتون  ٺهي رهيون آهن. هن چيو ته ڪارساز واري علائقي ۾ اڌ روڊ تي نيوي وارن جو قبضو آهي، سروس روڊ به بند ڪيو ويو آهي. جنهن  تي چيف جسٽس وراڻيون ته، مان پاڻ ان علائقي جو دورو ڪري اهو کولرائيندس.

چيف جسٽس چيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته، شهر ۾ صفائي سٿرائي واري ڪم ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي. سمنڊ ڪناري تي به صفائي وارو عمل بهتر ٿيو آهي. ٻن مهينن دوران وڌيڪ بهتري ايندي ۽ ان لاءِ مان پاڻ نگراني ڪيان پيو. جيڪڏهن سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مونکي روزانو ڪراچي ۾ ڪيس هلائڻا پيا ته هلائيندس.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *