Thursday , April 25 2024

شهيد پروفيسر اجمل ساوند جو قتل، بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سميت ڪنهن به پ پ اڳواڻ مذمت نه ڪئي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪشمور ۾ قبيلائي تڪرار تان شهيد ڪيل پروفيسر اجمل ساوند جي قتل تي سموريون اختياريون خاموش تماشائي بڻيل، هن وقت تائين، بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه سميت پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، ن ليگ، فنڪشنل ليگ ۽ جي يو آهي سميت ڪنهن به سياسي جماعت پاران، سکڻو مذمتي ۽ وارثن سان تعزيت جو به بيان جاري ناهي ڪيو.  ( جمعي جي رات 7 اپريل رات 2 وڳي تائين). فرانس مان ڪمپيوٽر سائنس جي سعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ نامياري اسڪالر شخصيت پروفيسر اجمل ساوند کي خيم ڏينهن صبح ڌاري قبائلي تڪرار تان سندراڻي برادري جي هٿياربندن جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪي شهي ڪيو، سندس مڙهه کڻڻ لاءِ ايمبولينس به مهيا نه ڪئي وئي. رپورٽس مطابق پروفيسر اجمل جو مڙهه سامان ڍوئيندڙ ڊاٽسن تي کڻائي اسپتال پهچايو ويو.

مقامي صحافين جو چوڻ آهي ته شهيد اجمل ساوند جي قتل کانپُوءِ پوليس به روايتي انداز ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي پنج ماڻهن کي عيوضي ۾ گرفتار ڪري سندن گهرن کي باهيون پڻ ڏئي ڇڏيون آهن، پر قاتلن جي خبر هجڻ باوجود ايس ايس پي عرفان سمون سميت ڪنهن به قانون لاڳو ڪندڙ اداري يا عملدار سنجيدگي سان قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سندراڻي برادري کي پيپلزپارٽي/ سنڌ حڪومت جي بااثرماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي، انڪري پوليس اڃا تائين قاتلن جي گرفتاري لاءِ حقيقي بنيادن تي ڪَکُ ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *