Friday , April 19 2024

شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس، اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو عارضي ضمانت ڪرائي ورتي

اڳوڻي صدر آصف زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير  مراد علي شاهه ۽ پ پ بلوچستان جي صوبائي صدر ڄام عبدالڪريم جوکيو کي رپوشي دوران پناهه ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي

ڪوئيٽا (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار ) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي اهم جوابدار پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو عارضي ضمانت ڪرائي ورتي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان ٻن هفتن جي عارضي ضمانت ڪرائڻ بعد اسلام آباد پهچي ويو. سنڌ جي ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ سردار سان مهاڏو اٽڪائيندي شهادت ماڻيندڙ شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ۽ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست جمع ڪرائي هئي، پنهنجي وڪيل معرفت جمع ڪرايل درخواست ۾ پ پ ايم اين اي عبدالڪريم جوکيو موقف اختيار ڪيو ته، کيس ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، کيس خطرو آهي ته پوليس گرفتار ڪندي، هُو ڪيس کي عدالت ۾ منهن ڏيڻ چاهي ٿو، ان لاءِ سندس گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي. بلوچستان هاءِ ڪورٽ سندس درخواست منظور ڪندي، ٻن هفتن لاءِ عارضي ضمانت منظور ڪندي کي لاڳاپيل ڪورٽ ران رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس جي فريادي ملير جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته ناظم جوکيو کي ڄام عبدالڪريم مسئلو حل ڪرڻ جي بهاني سان پنهنجي رهائشگاهه تي گهرائي مٿس تشدد ڪيو ۽ هن جي قتل ۾ به ملوث آهي؛ انڪري سندس نالو به ڪيس ۾ شامل ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوڱيو جو نالو ناظم قتل ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کانپوءِ هُو لاڳيتو رپورش ٿي ويو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پيپلزپارٽي بلوچستان جي صوبائي صدر ڄام عبدالڪريم جوکيو کي رپوشي دوران پناهه ڏيارڻ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائڻ ۾ مڪمل سهڪار ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *