Thursday , March 28 2024

شهيد بينظير جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪرڻ سندس قبر جي ٽرائل برابر آهي: آصف زرداري

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌ سماءَچار) اڳوڻي آصف زرداري اين آر او ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي 29 آگسٽ واري فيصلي خلاف نظرثاني درخواست ۾ چيو آهي ته، شهيد بينظير جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪرڻ سندس قبر جو ٽرائل ڪرڻ برابر آهي، اپيل تي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تي ٿيندي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اين آر او ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پاران اثاثن جا تفصيل طلب ڪرڻ واري حڪم خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي، عدالت نظرثاني واري اپيل 25 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اين آر او ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي.  وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو  ته سندس گهرواري بينظير ڀٽو شهيد جي اثاثن جا تفصيل گهرڻ قبر سان ٽرائل ڪرڻ جي برابر آهي.  سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اپيل منظور ڪندي 25 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.  واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 29 آگسٽ جي ٻڌڻي دوران اين آر او تحت قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ 2007 کان 2018 تائين جوابدارن کان سندن ٻارڙن ۽ گهروارين جي اثاثن جا تفصيل گهريا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *