Friday , March 29 2024

شهيدن جو قرض وياج سميت لهي ويو، سنڌ جا ماڻهو مرشدن جي چوڻ تي ووٽ نه ڏيندو: علي قاضي

سکر(رپورٽر  سنڌسماءَچار) تبديلي پسند پارٽي پارٽي سربراهه علي قاضي ايندڙعام چونڊن ۾ سڄي سنڌ ۾ پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، سنڌ جا ماڻهو ويڪائو مال ناهي، اهي ڏينهن گذري ويا جڏهن مرشدن جي نياپن ۽ شهيدن جي قرض لاهڻ لاءِ ووٽ ورتا ويندا هئا، سنڌ جي ماڻهن کي گٽرن جو گندو ۽ سنکيي وارو پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪندڙن ايندڙ اليڪشن ۾ عوام رد ڪري ڇڏيندو، تبديلي پسند پارٽي جي صورت ۾ عوام وٽ متبادل موجود آهي. سکر جي لب مهراڻ پارڪ ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه علي قاضي چيو ته، سنڌ جي ماڻهن کي گندو پاڻي پياريندڙ، تعليم ۽ صحت جي شعبن کي تباهه ڪندڙ ڀوتار چون ٿا ته اسان ووٽ خريد ڪري وٺنداسين، ڀوتار سنڌ جي ماڻهن کي ويڪائو مال سمجهي انهن جي توهين ڪري رهيا آهن، سنڌ جا ماڻهو اليڪشن واري ڏينهن ووٽ ذريعي هنن جو  تختو اونڌو ڪري ڇڏيندا. تبديلي پسند پارٽي بيروزگاري، غربت ۽ اهنجن کان پاڪ سنڌ ٺاهڻ چاهي ٿي، اهڙي سنڌ جيڪا امڙ جي هنج جهڙي هجي.

جلسي کي خطاب ڪندي علي قاضي چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان  جيڪا سياست ٿي رهي آهي، انهن جي  ايجنڊا ۾ عوام جي مسئلن جو حل موجود نه آهي ۽ عوام کان مختلف بهانن سان ووٽ ورتا وڃن ٿا، ڪڏهن چيو وڃي ته مرشد جي چوڻ تي ووٽ ڏيو ۽ ڪڏهن چيو وڃي ٿو ووٽ ڏئي پنهنجي مٿان  قرض لاهيو. پر هاڻي سنڌ جي ماڻهن شهيدن جو قرض وياج سوڌو لاهي ڇڏيو آهي ۽ مرشدن جي چوڻ تي به ووٽ نه ڏيندو. تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ چيو ته سنڌ ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران رڳو مئنيجمينٽ جي سياست ٿي آهي ۽ حڪمرانن وٽ عوامي ڀلائي جو ڪوبه پروگرام نه آهي.هن چيو ته حڪمران هاڻي اهو راڳ آلاپي رهيا آهن ته هو ٻيهر ڪامياب ٿي ويندا  ۽ مان چوان ٿو  جيڪڏهن سنڌ جو عوام اوهان کي ووٽ نه ڏئي ته اوهان ڪڏهن به کٽي نٿا سگهو. ڀوتار ڪروڙين سنڌ واسين کي ويڪائو مال سمجهن ٿا پر مان  چوان ٿو ته اهڙيون ڳالهيون ڪري اوهان سنڌ واسين جي  توهين ڪري رهيا آهيو.

تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه علي قاضي چيو ته اڳ ۾ چيو ويندو هو سنڌ ۾ ڪا متبادل پارٽي نه پر هاڻي سنڌ واسين کي تبديلي پسند پارٽي جي صورت ۾ متبادل ملي ويو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ هر تڪ تي تبديلي پسند پارٽي جا اميدوار ميدان ۾ لهندا. حڪمران واري واري سان اقتدار ۾ اچي رهيا پر کيس اميد آهي ته سنڌ جو عوام ڀوتارن کي ايندڙ چونڊن ۾ تاريخي شڪست ڏيندو. علي قاضي چيو ته سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه آهي،اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ آهن، آبادگارن کي ڪمند جو اگهه ۽ ڪڻڪ جو بارداڻو نه پيو ملي ۽ نه وري ماڻهن کي روزگار ملي رهيو آهي. هن چيو ته اسان سان گڏ ڀوتار نه عام ماڻهو آهن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جو عوام جيڪو فيصلو ڪندو ان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جو عوام تبديلي پسند پارٽي جي اميدوارن جي ڀرپور  مدد ڪندو ۽ سنڌ جو ماڻهو پنهنجي ٻچن  ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ ووٽ ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *