Thursday , April 25 2024

شهر ۾ سڀ مٽي جوڍير آهي، ماڻهن پنهنجي پيءُ “ابا” جي زمين سمجهي وڏا پلازا ٺاهي ڇڏيا: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

ايڊووڪيٽ جنرل صاحب! ڏنڊي گهمڻ تائين ڪو ڪم نه ٿو ٿئي، عمارتون ڪري پونديون، ماڻهون مرندا رهندا ۽ اوهان مرلي وڄائيندا رهندا: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته، ڪراچي شهر ۾ ماڻهن پنهنجي پيءُ “ ابا ” جي زمين سمجهي وڏا وڏا پلازا ٺاهي ڇڏيا آهن، ڪنهن کي به بخش نه ڪنداسين، سڀني خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد جي سبراهي ۾ قائم ٽي رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾، ڪراچي شهر ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلن، غيرقانوني قبضن، اڏاوتن، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي سميت مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران صوبائي وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي وسيم اختر، پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتااز علي شاهه، اتارني جنرل خالد جاويد خان، مڪاني ادارن، ايس بي سي اي ۽ ريلوي اختيارين جا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ڪيسن جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد چيو ته، ڪراچي شهر ۾ سمورا اڏاوتي منصوبا مٽي جو ڍير آهن، ڪِري پوندا، انساني جانيون ضايع ٿينديون، چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي مخاطب ٿيندي عدالت چيو ته ماڻهو مري رهيا آهن، توهان مُرلي (بِين) وڄائي رهيا آهيو. جيستائين مٿان کان ڏنڊو نٿو اچي، تيستائين ڪم نٿو ٿئي. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي سرڪلري ريلوي جي بحالي ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي حوالي سان ڪيس تي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، اٽارني جنرل آف پاڪستان، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري ريلوي ۽ ٻيا پيش ٿيا.

ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس گلزار احمد اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جا ٺيڪيدار هليا ويندا آهن، پر توهان پئسا نٿا ڏيو. ناظم آباد وڃي ڏسو، اُتي ڪوبه ڪم نه ٿي رهيو آهي. هر وقت ڪو نه ڪو تبديل ٿيندو رهندو آهي. ماڻهو خواب ڏسندا رهندا آهن، سندن زندگي عذاب بڻجي وئي آهي،چيف جسٽس چيو ته ماڻهو مري رهيا آهن، پر توهان مُرلي وڄائي رهيا آهيو. توهان جا سمورا منصوبا مٽيءَ جو ڍير آهن، ڪري پوندا. جيستائين مٿان کان ڏنڊو نه ايندو آهي، تيستائين توهان ڪو به ڪم نه ڪندا آهيو. جيڪي ماڻهو ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اُنهن کي ڪراچي جي ڪهڙي خبر آهي؟ جيترا فلاءِ اوورز ٺاهيا آهن، اُهي ڪري پوندا، ڪياماڙيءَ واري پُل به ڪرڻ واري آهي. اُن جي نتيجي ۾ ڪياماڙيءَ جو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويندو.

ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس چيو ته سلمان صاحب! توهان ايماندار آهيو پر توهان جي ماڻهن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. يونيورسٽي روڊ هڪ مذاق آهي، شهيد ملت روڊ به ڪڏهن ڏسڻ لائق نه هو. شهر ۾ ڪروڙين موٽر سائيڪلز آهن. اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ تائين ريڊ لائين منصوبو به مڪمل ٿي ويندو، جنهن تي چيف جسٽس پُڇيو ته بليو ۽ پرپل لائين منصوبو ڇا آهي؟ اي جي سنڌ چيو ته اُن تي اڃا ڪم نه ٿيو آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *