Wednesday , April 24 2024

شهري انفرا اسٽرڪچر جي “ ماهر ” حليم عادل شيخ جي به ٻڌو !

ملير ندي مان ڪچرو صاف نه ڪرڻ جي پٺيان سازش هئي ته ڊفينس مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿئي جيئن ڊي ايڇ اي کي بدنام ڪيو وڃي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (رپورٽر    سنڌ سماچار) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ايم پي اي حليم عادل شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ملير ندي ۾ گند ڪچرو نه هجي ها ته ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ٿي وڃي ها. هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته، ملير ندي ۾ گند ڪچرو هجڻ جي ڪري پاڻي جو نيڪال ٺيڪ نموني سان ٿي نه سگهيو. حليم عادل شيخ  چيو ته مون سون جي برسات دوران ملير ندي ۾ پاڻي جو وڏو وهڪرو آيو، جنهن ۾ گند ڪچرو هجڻ جيڪري پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾ رنڊڪ آئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ايم پي اي دعويٰ ڪئي ته ملير ندي ۾ گند ڪچرو هه هجي ها ته ڊفينس ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ جي سمورن علائقن مان نيڪال ٿي وڃي ها، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته ملير ندي مان ڪچرو صاف نه ڪرڻ جي پٺيان اها سازش هئي ته ڊفينس مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿئي جيئن ڊي ايڇ اي کي بدنام ڪيو وڃي.

سانوڻي جي مينهن سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءَ به نه چُري

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *