Friday , April 19 2024

شهرين جي جبري گمشدگين واري مامري تي پارليامينٽ رياست اندر رياست آڏو بيوس بڻيل آهي: سينيٽ چيئرمين جو اعتراف

senate 2

سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني اعتراف ڪيو آھي ته ماڻھن جي جبري گمشدگي جي حوالي سان پارليامينٽ رياست اندر رياست آڏو بيوس آھي، آئين جو آرٽيڪل 6 بي فائده بڻجي ويو، جنھن سبب آئين ٽوڙيندڙ ڊڪٽيٽر مشرف کي عدالت آڏو پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رھي، رضا رباني پارليامينٽ ھائوس ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي نئين باڊي جي مان ۾ ڏنل دعوت دوران ڳالھائيندي ڪيو، تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پي آر اي جي صدر قربان بلوچ سان صحافين کي 18 ھين آئيني ترميم بعد وفاقي ڍانچي، رولز توڙي ملڪ اندر پيدا ٿيل نئين سياسي ڍانچي بابت ورڪشاپ ڪرائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آھي ته پارلياماني فورمن جي ڪارڪردگي جو سڌو ڦل عوام کي نه ملڻ سبب نه فقط ملڪ جو نوجوان جمهوري سياسي عمل ۾ دلچسپي نه پيو وٺي پر جمهوريت مخالف قوتن کي جمهوري عمل جو ڦل نه ملڻ بابت منفي پروپئگينڊا ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، ان لاءِ ضروري آھي ته سياسي ڌرين کي پارليامينٽ ۾ عوامي مسئلن جي حل لاءِ متحرڪ ٿيڻ گھرجي، ان موقعي تي هن اعتراف ڪيو ته ماڻھن جي جبري گمشدگين جي روڪٿام لاءِ قانوني تجويزن ۽ قراردادن باوجود پارليامينٽ رياست اندر رياست آڏو بيوس بڻجي وئي آھي، ھن چيو ته آئين ٽوڙيندڙ ڊڪٽيٽر مشرف خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ بابت آئين جو آرٽيڪل 6 غير فائديمند بڻجي ويو آھي، جنھن سبب نه فقط ھڪ ڊڪٽيٽر عدالت ۾ پيش نه ٿيو پر ھو پرڏيھ ۾ ويھي عدالتن ۽ رياست کي ڊڪٽيٽ ڪري رهيو ھو، پنھنجن شرطن تي ملڪ اچي عدالت ۾ پيش ٿيندو، جنھن بعد کيس پرڏيھ واپس وڃڻ جي به اجازت ھوندي، سينيٽ چيئرمين چيو ته جيستائين ملڪ جي سمورن طبقن سان برابري وارو سلوڪ نه ٿيندو تيستائين آئين ۽ قانون جي بالادستي خواب رھندا، ھن اسيمبلين جو مدو 4 سال ڪرڻ بابت مخالف ڌرين جي تجويزن سان اتفاق نه ڪندي چيو ته ائين ڪرڻ جمهوري عمل لاءِ مناسب ته ھوندو، ھن چيو ته بجيٽ سازي ۾ سينيٽ جي ڪردار ۽ معاشي اختيارن وارو مامرو 1973ع کان ھلي رھيو آھي پر رياست صوبن جي برابر نمائندگي رکندڙ ۽ وفاقي وحدانيت رکندڙ اداري کي اهو اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، جيڪو وفاق لاءِ بھتر ناھي. ھن چيو ته سينيٽ کي بجيٽ عمل ۾ ڪردار نه ڏيڻ جي حوالي سان رياست جو موقف آھي ته ھي ايوان اڻسڌي طور چونڊجي اچي ٿو، ان ڪري ان کي اھڙا اختيار نه ھئڻ گھرجن، جيڪو جواز قطعي درست ناھي، ڇو ته جيڪڏھن سينيٽ جو ايوان اڻسڌي ريت چونڊجي اچي ٿو ته پوءِ 342 ميمبرن تي ٻڌل قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ به اٽڪل 70 ميمبر اڻسڌي ريت اچن ٿا، پوءِ انھن کي بجيٽ سازي ۾ ڪردار ڏيڻ جو ڪھڙو جواز آھي؟، ھن چيو ته تاريخي 18 ھين آئيني ترميم تي تنقيد ڪندڙ ٻڌائين ته 1947ع کان 2001ع تائين تعليم ۽ صحت شعبا غاصباڻي نموني وفاق جي ڪنٽرول ۾ رھيا، ان عرصي دوران انھن شعبن ۾ بھتري ڇو نه آئي؟ ھن چيو ته اصل ۾ آئيني گھرجون پوريون ڪيون وڃن ته سمورا ادارا مضبوط ٿي سگھن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *