Thursday , March 28 2024

شهرن ۾ تپيدارن جي ضرورت ناهي: سپريم ڪورٽ

شهرن ۾ تپيدارن جي ضرورت ناهي، روينيو کاتو رڳو زمينن جو رڪارڊ سنڀاليندو، زمينن جو وڪرو ۽ خريداري سيل ڊيڊ ذريعي ٿيندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ ) شهرن ۾ تپيدارن جي ضرورت ناهي، شهري زمينون سيل ڊيڊ ذريعي خريد ۽ وڪرو ڪري سگهجي ٿي، اهڙو حڪم سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ قائم پنجن ججز واري هڪ بئنچ ڏنو آهي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثارجي سربراهيءَ ۾ قائم پنج رڪني بئنچ شهري علائقن ۾ تپيدارن ۽ قانوندانن ۽ مختيارڪارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٻڌڻي  بعد جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته، شهري علائقن ۾ زمين جا خريد ۽ وڪرو نه ٿيندو، تپيدار ۽ روينيو رڪارڊ جون ٻيون آفيسون رڳو رڪارڊ جي حفاظت جون ذميواريون نڀائينديون، جيڪي زمين جي منتقلي نه ڪري سگهندا.  سپريم ڪورٽ تپيندارن جي زمين جي منتقلي تي پابندي لڳائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته شهري علائقن ۾ تپي خانن جي ڪابه ضرورت ناهي، اتي زمين جي خريد ۽ وڪرو رجسٽرڊ سيل ڊيڊ ذريعي ٿيندي. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته شهري علائقن ۾ زمين جي خريد ۽ وڪرو رجسٽرڊ سيل ڊيڊ ذريعي ٿيندي ۽ اتي تپي خانن جي ڪابه ضرورت نه هوندي رڳو رجسٽريشن ذريعي زمين منتقل ٿيندي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جتي لينڊ روينيو جو ڪو ڪاٿو ناهي اتي تپي خانه ڪيئن کليل آهن. سپريم ڪورٽ بار جي صدر امان الله مشواڻي چيو ته هي قانوني تشريح جو معاملو آهي. چيف جسٽس چيو ته  ان بابت منهنجو ئي فيصلو آهي، تپي خانا بند ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت کي ٽڪو به ملندو. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته رڪارڊ ڪٿان اچي وڃي ٿو، شهرن ۾ ته ماسٽر پلان هوندو آهي، جيڪي علائقا ماسٽر پلان ۾ نه ٿا اچن اتي زمين جو وڪرو ائين ٿيندو آهي. چيف جسٽس چيو ته شهرين علائقن ۾ لينڊ روينيو جو رڪارڊ آهي اتي تپي خانن جي ڪهڙي ضرورت آهي، تپي خانن ڦرلٽ لڳائي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *