Friday , April 19 2024

شهرن کانپوءِ سنڌ جي ڳوٺن ۾ به ڪرونا جي وبا تيزي سان پکڙجڻ لڳي

ڪرونا جي وبا شهرن کانپوءِ ڳوٺن ۾ ڦهلجڻ تي انتهائي ڳڻتي آهي: وڏو وزير

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اعتراف ڪيو آهي ته، گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ڪرونا وائرس سنڌ جي شهرن کانپوءِ ڳوٺن ۾ به ڪرونا وائرس جي وبا تيزي سان ڦهلجي رهي آهي، جيڪا ڳالهه خطرناڪ آهي، ڪرونا بابت انگ اکر ٻڌائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ رڳو ڪراچي ۾ 617 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. رپورٽ ٿيل ڪيسز ۾ حيدرآباد ۾ 25 ڄڻن جي ڪرونا رپورٽ پازيٽو آئي آهي،، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ 24-24، شڪارپور ۾ 16، ڄامشورو ۽ سانگهڙ ۾ وڌيڪ 8-8 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا ٿي  ويا، وڏي وزير ڪرونا وائرس جي ڪيسز بابت گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ميرپورخاص ۾ 5، قمبر ۽ بدين ۾ 3-3، شهيد بينظير آباد ۾ 2، مٽياري، دادو، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته ڪورونا وگهي وڌيڪ 16 مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين فوت ٿيلن جو تعداد وڌي 481 ٿي ويو. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 334 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 62 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 553 مريض صحتياب ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هن وقت تائين صحتياب ٿيل مريضن جو انگ وڌي 13 هزار 810 ٿي ويو. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 13 هزار 954 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 12 هزار 773 گهرن ۾، 108 قرنطينه مرڪزن ۽ هڪ هزار 73 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير چيو آهي ته هاڻي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن، عوام کي اپيل آهي ته احتياط ڪري، اسان سڀئي احتياط ڪنداسين ته هن بيماري کي شڪست ڏئي سگهنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *