Thursday , March 28 2024

شهربانو ويلفيئر فائونڊيشن پاران وڏاماڇيون ۾ ڪاري ڪامڻ جي علاج لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويندي

خيرپور( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سماجي تنظيم شهربانو ويلفيئر فائونڊيشن پاران پي پي ايڇ آءِ جي سهڪار سان ڪاري ڪامڻ جي علاج ۽ طبي چڪاس لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويندي، ڳوٺ شمس الدين سولنگي ۾ 3 ڏينهن واري طبي ڪئمپ ۾ ماهر ڊاڪٽر مريضن کي تپاسيندا. شهربانو ويلفيئر جي ترجمان پاران جاري ڪيل هڪ پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته، فائونڊيشن ۽ پي پي ايڇ آءِ جي سهڪار سان وڏاماڇيون ڀرسان ڳوٺ شمس الدين سولنگي ۾ 21، 22 ۽ 23 فيبروري تي هيپاٽائيٽس مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويندي، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽر مريضن کي تپاسيندا. عام ماڻهو جيڪي ان مرض ۾ مبتلا نه آهن اُهي به پنهنجي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. ترجمان جو چوڻ آهي ته سائي يا ڪاري ڪامڻ جو مرض ابتدائي اسٽيج تي تڪڙو ظاهر نه ٿو ٿئي يا ماڻهو ان کي سمجهي نه ٿا سگهن، ان لاءِ ضروري آهي ته اُهي هيپاٽائيٽس / ڪاري ڪامڻ جي ٽيسٽ ضرور ڪرائين، جيئن جيڪڏهن ڪنهن کي ابتدائي اسٽيج واري سائي آهي ته ان جو تڪڙو علاج ڪرائڻ شروع ڪيو وڃي. ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ماهر ڊاڪٽر مريضن کي تپاسڻ سان گڏ ويڪسين ۽ دوائون به مفت مهيا ڪندا ۽ ضرورت مند مريضن کي ڪاري ڪامڻ جي ڪورس کي شروع يا جاري رکڻ ۾ به سهڪار ڪندا. پيرڳوٺ، وڏا ماڇيون سميت ڀرپاسي جي ماڻهن کي 21 کان 23 فيبروري تائين جاري رهندڙ ميڊيڪل ڪئمپ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *