Friday , April 19 2024

شهدادڪوٽ ۾ ڊاڪٽر جي مبينا لاپرواهي، نوجوان فوت، وارثن جي واهر نه ٿي

قمبر ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) شهدادڪوٽ زال جو علاج ڪرائڻ لاءِ نجي ڪلينڪ تي آيل نوجوان به اوچتو بيمار، ڊاڪٽر پاران انجيڪشن لڳائڻ بعد ري-ايڪشن سبب فوت، ڊاڪٽر ڪلينڪ ڇڏي ڀڄي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته عيسيٰ بروهي زال جو علاج ڪرائڻ آيو هو، کيس هلڪو بخار ٿيو ته هن ساڳئي ڊاڪٽر کي طعيت ڏيکاري جنهن کيس انجڪيشن لڳائي ته بيهوش ٿي ويو ۽ اتي فوت ٿيو، ڊاڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي ۽ معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي. تفصيل مطابق ميروخان تعلقي جي ڳوٺ محمد عيسيٰ بروهي واسي نوجوان زاهد بروهي کي معمولي بخار هجڻ سبب شهدادڪوٽ شهر جي هڪ ڪلينڪ تي ڊاڪٽر دليپ ڪمار کيس انجيڪشن لڳائي، جنهن بعد هو بيهوش ٿي ويو، ڊاڪٽر مريض کي تعلقي اسپتال پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن رستي تي ئي دم ڏنو، مريض جي فوت ٿيڻ بعد ڊاڪٽر فرار ٿي ويو، وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، ان موقعي تي فوتي نوجوان جي سئوٽ ظفر بروهي ميڊيا وارن ٻڌايو ته زاھد حسين پنھنجي زال مسمات حاجران خاتون کي موٽرسائيڪل تي علاج لاءِ ڊاڪٽر دليپ ڪمار جي ڪلينڪ تي آندو، جتي زاهد ڊاڪٽر کي چيو ته مونکي به معمولي بخار ۽ ڳلي ۾ سور آهي، ڊاڪٽر کيس انجيڪشن لڳائي ته سندس حالت خراب ٿي وئي ۽ هو فوت ٿي ويو، وارثن الزام هڻندي چيو ته ڊاڪٽر کيس غلط انجيڪشن لڳائي، جنهن سبب هو فوت ٿيو آهي، ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

سنڌ ۾ ايڊز جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڊاڪٽر آن دي رڪارڊ ڳالهائڻ کان گهٻرائڻ لڳا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *