Friday , March 29 2024

شفقت وڌو،نور محمد لغاري، صديق الفاروق،چوڌري شجاعت خلاف انڪوائري ٿيندي

اسلام آبا(خاصن نمائندو   سنڌسماءَچار)  نيب چيئرمين اڳوڻي وزير اعظم چوڌري شجاعت، پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين خلاف ٽن انويسٽي گيشنز جي منظوري ڏني وئي. نيب ٽي ايم ڪي شوگر ملز ڪراچي جي مالڪ، ڪي پي ٽي هائوسنگ سوسائٽي، اڳوڻي سيڪريٽري اسپيشل نورمحمد لغاري، پرنسپل سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن محمد علي خاصخيلي، ۽ بلوچستان ڊيولپمنٽ اٿارٽي  گوادر جي آفيسرن خلاف به جاچ جو حڪم ڏنو آهي. نيب ترجمان موجب چيئرمين آبپاشي کاتي سيف الله مگسي سرڪل جي آفيسرز ڀائي خان لاکو، شفقت حسين وڌو، جاويد ميمڻ، چيف انجنيئر منور بوزدار، عبدالمجيد ۽ ميونسپل ڪميٽي روهڙي جي ايڊمنسٽريٽر علي احمد لنڊ خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيب چيئرمين چوڌري ڀائرن چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي سميت پ پ اڳواڻ حنا رباني کر ۽ ن ليگ اڳواڻ صديق الفاروق جي خلاف جاچ جو فيصلو ڪري ورتو. پڌرائي موجب نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ  جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بيت المال جي اڳوڻي ايم ڊي شيخ عابد وحيد جي خلاف به انڪوائري  شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قومي احتساب بيورو  جي ايگزيڪٽو  بورڊ جو اجلاس نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊڪوارٽرز اسلام آباد م ٿيو،اجلاس ۾ 13 انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي،جن ۾ پ پ اڳواڻ غلام رباني کر، اڳوڻي ايم اين اي حنا رباني کر جي خلاف ٻن انڪوائريز، اڳوڻي وفاقي وزير  شاهد اشرف،مواصلات جي اڳوڻي سيڪريٽري، ۽ ٻين جي خلاف ٻن انڪوائريز، متروڪ املاڪ جي اڳوڻي چيئرمين صديق الفاروق ، بيت المال جي اڳوڻي ايم ڊي، فيصل ڪنٽومنيٽ بورڊ  ڪراچي جي سي اي اوز،ايڊمنسٽريٽو آفيسرن، ٽورازم ڪارپوريشن ڪي پي جي آفيسرن،سيف الله مگسي سرڪل جي آفيسر ڀائي خان کوسي،سنڌ جي آبپاشي عملدارن شفقت حسين  واڍي،جاويد ميمڻ، چيف انجنيئر منور بزدار، ايڪسيئن عبدالمجيد، روهڙي ميونسپل ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر علي احمد لنڊ ۽ ٻين خلاف انڪوائريز جو فيصلو ڪيو ويو. نيب ترجمان چيو آهي ته، ڪي پي ٽي هائوسنگ اسڪيم، ٽنڊو محمد خان شگرملز، سنڌ جي اڳوڻي اسپيشل سيڪريٽري نور محمد لغاري، تعليم کاتي جي آفيسر محمد علي خاصخيلي خلاف به ڪرپشن الزامن جي جاچ جو فيصلو، هالا جي اڳوڻي ايڪسيئن عاشق علي لکڻ خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪيو ويندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *