Thursday , March 28 2024

شريف ڪٽنب ۽ اسحاق ڊار خلاف4 ريفرنس داخل ڪري ملڪيتون ضبط ڪيو: نيب

Nawaz Sharif family

لاهور(خاص نمائندو): نيب لاهور پاران نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف، حسن، حسين ۽ مريم نواز سميت شريف ڪٽنب جي سمورن فردن ۽ اسحاق ڊار جا بئنڪ اڪائونٽ سيل ڪري، سندن سموريون ملڪيتون ضبط ڪرڻ ۽ نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. اهڙيون سفارشون نيب لاهور ڊائريڪٽوريٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل نيب ميجر (ر) شهزاد سليم جي سربراهي ۾ ريجنل بورڊ جي ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ نيب جي ريجنل بورڊ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت شريف خاندان خلاف عزيزيه اسٽيل ملز جي خريداري ۽ 16 آف شور ڪمپنين بابت 2 ڌار ڌار ريفرنس داخل ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. سنڌسماءَچار www.sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ موجب نيب لاهور لنڊن فليٽن بابت شريف خاندان ۽ آمدني کان 90 سيڪڙو وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف 2 ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ريفرنس نيب هيڊڪوارٽر اماڻي ڇڏيو آهي ۽ سفارش ڪئي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ٻن پٽن حسن نواز، حسين نواز ۽ ڌيءَ مريم نواز جون ملڪيتون ۽ سمورا بئنڪ اڪائونٽس فوري طور تي ضبط ڪيا وڃن.

NAB logo

نيب جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف به ڌار ريفرنس تيار ڪيو پيو وڃي، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ تي سندس منقولا ۽ غير منقولا ملڪيت ضبط ڪري سندس اڪائونٽس به سيل ڪيا وڃن، نيب جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدارن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ به گهرو وزارت کي خط لکيو آهي پر ان تي عمل نه ٿيو، اسان جو ڪم رڳو سفارش ڪرڻ آهي، فيصلو گهرو وزارت کي ڪرڻو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ عدالت به باضابطا حڪم جاري ڪري سگهي ٿي ته انهن ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪيا وڃن.

ٻئي طرف نيب راولپنڊي جي عملدارن جون عيد موڪلون رد ڪيون ويون آهن ته جيئن 8 سيپٽمبر کان اڳ شريف خاندان خلاف ريفرنسز کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار خلاف 4 ريفرنس عيد کانپوءِ نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلا س۾ پيش ڪيا ويندا، جنهن دوران نيب جو چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽر جنرل انهن جو جائزو وٺندا، حتمي جاچ ۽ بورڊ جي منظوري کانپوءِ نيب چيئرمين انهن جي حتمي منظوري ڏيندو، جنهن بعد ريفرنس عدالت ۾ داخل ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *