Friday , March 29 2024

شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنس: نيب جي درخواست تي قطري خط سميت نوان دستاويز عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻجي ويا

اسلام آباد(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف لنڊن جي ايون فيلڊ ملڪيتن واري ريفرنس ۾ استغاثا /نيب جي درخواست منظور ڪندي قطري شهزادي جي خط سميت ريفرنس سان لاڳاپيل سمورا واڌو دستاويز عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيا آهن، جنهن جي شريف ڪٽنب جي وڪيل مخالفت ڪئي جيڪا رد ڪئي وئي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر پيش ٿيا. ڪيس جي جيئن ٻڌڻي شروع ٿي ته، نيب / استغاثا جي وڪيل پاران عدالت کي درخواست پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته، قطري شهزادي پاران سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس دوران جمع ڪرايل خط، برٽش ورجن آئي لينڊ جو خط، واجد ضياءَ پاران اٽارني جنرل آف پاڪستان کي لکيل مختلف خطن کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي. نيب جي اهڙي دوريخاست جي شريف ڪٽنب جي وڪيل پاران مخالفت ڪندي چيو ته اهي دستاويز اڳ ۾ ئي م وجود هئا ته پوءِ اڄ تائين انهن کي عدالتي رڪارڊ جو حصو ڇو نه بڻايو ويو، انڪري هاڻي اهڙي درخواست رد ڪئي وڃي. عدالت شريف ڪٽنب جو م وقف رد ڪندي اتغاثا جي درخواست منظور ڪري ڇڏي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب جي شاهد ۽ جي آءِ ٽي جي اڳوڻي سربراهه واجد بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف بابت ٻڌايو ويو هنو ته، ايوين فيلڊ فليٽس جي لينڊ رجسٽري جي رڪارڊ مطابق 1993 کان 1996 دوران اهي فليٽس خريد ڪيا ويا. پر ٻئي پاسي جوابدارن پاڻ اهو اعتراف به ڪري چڪا هئا ته، 1990 دوران انهن فليٽس جو قبضو حاصل ڪيو ويو. واجد ضياءَ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته، جڏهن فليٽس جو قبضو حاصل ڪيو ويو هو ته انهن ڏينهن ۾ حسين نواز شاگرد هو. هن چيو ته جوابدار اهو به قبول ڪن ٿا ته، فليٽ نمبر 16 صرف نواز شريف جي استعمال هيٺ رهيو آهي ۽ اهو فليٽ فلیٹ صرف ان وقت استعمال ڪيو ويو جڏهن نواز شريف لنڊن ۾ علاج ڪرائي رهيو هو. واجد ضياءَ بيان ۾ چيو ته، جوابدارن 2 ٽرسٽ ڊيڊ جمع ڪرايون؛جڏهن ته جي آءِ ٽي مطابق اهي ٻنهي دستاويزن جو صفحو نمبر 2 ۽ صفحو نمبر 3 هڪ جهڙا هئا ۽ ٽرسٽ ڊيڊز تي تاريخون تبديل ڪيون ويون. انهن  تي اوور رائيٽنگ (ڊاھ ڊوھ ڪري مٿان لکت تبديل ڪئي) ڪري سال تبديل ڪري 2004 کي تبديل ڪري 2006 ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *