Friday , March 29 2024

شريف خاندان ته شريف خاندان سندن دوست قطري شهزادو به ٽڪئس چور نڪتو،شوڪت عزيز برطانوي راڻي ملڪه ايلزبيٿ ۽ سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن پئراڊائيزليڪس ۾ شامل

پاناما ليڪس کانپوءِ صحافين جي عالمي  تنظيم آءِ سي آءِ جي پيراڊائيز نالي نئين ليڪس به جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ هڪ ڪروڙ 34 لک کان وڌيڪ دستاويز جاري ڪيا ويا آهن، پيراڊائيز ليڪس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، برطانوي راڻي ملڪه ايلزبيٿ، سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن سميت ڪيترن ئي عالمي سياستدانن جا نالا سامهون اچي ويا آهن. پيراڊائز ليڪس ۾ 25 هزار کان وڌيڪ ڪمپنين جو انڪشاف ڪيو ويو آهي جڏهن ته ليڪس جو وڏو حصو ڪپمني ايپل باءِ جي دستاويزن تي ٻڌل آهي. اهي دستاويز سنگاپور ۽ برمودا جي ٻن ڪمپنين کان حاصل ڪيا ويا، پيراڊائيز پيپر جرمن اخبار کان خريد ڪيا ويا جنهن کي آءِ سي آءِ جي پاران پڌرو ڪيو ويو آهي.

دستاويزن ۾ 180 ملڪن جي 25 هزار کان وڌيڪ ڪمپنين، ٽرسٽ ۽ فنڊز جو ڊيٽا شامل آهي جڏهن ته جاري ڪيل پيپرز ۾ 1950 کان 2016 تائين جو ڊيٽا موجود آهي. هن جاچ ۾ 67 ملڪن جي 381 صحافين حصو ورتو جيڪي آءِ سي آءِ جي جي سان لاڳاپيل آهن. جاري ڪيل دستاويزن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جا ٻه ٽرسٽ سامهون آيا آهن، پڌرائي موجب اڳوڻي وزيراعظم پاران سٽي ٽرسٽ لميٽڊ بينڪ کان بهاماس ۾ قائم ڪيو ويو، شوڪت عزيز بينڪ عهديدار طور سٽي ٽرسٽ جو ڊائريڪٽر بڻيو.

پيراڊائر پيپرز ۾ شامل نالن ۾ برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ 2 جو نالو به شامل آهي، دستاويز موجب ملڪه ايلزبيٿ آفشور ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪئي. دستاويزن ۾ جن عالمي شخصيتن جا  نالا سامهون آيا آهن ان ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن، آمريڪي واپار واري وزير ولبر راس، ٽرمپ جي 13 ويجهن ساٿين سميت ڪينيڊا جي وزيراعظم جي ويجهي ساٿي، اردن جي اڳوڻي ملڪه نور ۽ ٻيا نالا به شامل آهن. پيراڊائز پيپر ۾ 47 ملڪن جي 127 وڏن شخصيتن جا نالا شامل آهن، پيراڊائيز ليڪس ۾ هڪ ڪروڙ 34 لک دستاويز شامل آهن. نيشنل انشسورنس ڪارپوريشن جو اڳوڻو چيئرمين اياز خان نيازي ۽ سندس زال جو به پئراڊائيز ليڪس ۾ نالو شسامل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *