Friday , April 19 2024

شرجيل ميمڻ کي شراب پيتل نه هو، شراب جي بوتلن ۾ ماکي زيتون جو تيل هو

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي  جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ جي ميڊيڪل رپورٽ سامهون اچي وئي، جنهن مطابق ان جي رت ۾ الڪوحل شامل ناهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي هدايت تي  پي پي اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي رت جا نمونا وٺي ڪري ڪراچي جي ٻن وڏين اسپتالن ۾ موڪليا ويا. آغا خان اسپتال جي ميڊيڪل رپورٽ مطابق شرجيل انعام ميمڻ جي رت ۾ الڪوحل شامل ناهي. شرجيل ميمڻ جي پٽ جو چوڻ هو ته ٻنپهرن جو جاري ڪيل رپورٽ کانپوءِ سمورا الزام غلط ثابت ٿي ويا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان جي خون ۾ الڪوحل جو مقدار شامل ناهي. هن چيو ته بلڊ ٽيسٽ گذريل 40 ڏينهن ۾ الڪوحل جي مقدار جي ڪئي وئي هئي. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ مختلف ڪيسن جي شنوائي کان اڳ صبح سوير ٽن اسپتالن جو دورو ڪيو هو، ان دوران هو ڪلفٽن جي خانگي اسپتال ضياءَ الدين ۾ شرجيل انعام ميمڻ جي سب جيل قرار ڏنل ڪمري ۾ به ويو هو. پوليس ڪارروائي ڪندي شرجيل ميمڻ جي ڊرائيور محمد جان سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ورتو هو. گرفتار جوابدارن پاران بيان ڏنو ويو هو ته هٿ آيل بوتلن ۾ شراب نه هو، پر هڪ بوتل ۾ ماکي ۽ ٻئي بوتل ۾ زيتون جو تيل هو. شرجيل ميمڻ جي اسپتال جي ڪمري مان ملندڙ شراب جي بوتلن جي معاملي جي جاچ جي لاءِ ٽه رڪني ڪميٽي به جوڙي وئي هئي. اسپتال جي ڪمري مان هٿ آيل بوتلن جي به ڪيميڪل ٽيسٽ ڪئي وئي،جنهن مان زيتون جو تيل ۽ ماکي ملي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *