Tuesday , April 16 2024

شاگرد سياست جمهوريت ۽ عوامي خدمت جو پهريون ڏاڪو آهي: اسماعيل راهو/شاهنواز راڄپر

ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سنڌ پبلڪ لائبريري ڀٽائي آباد ۾ چار مارچ شاگرد سياست ۽  شهيد فاضل راهو جي ويجهي ساٿي ، شاهنواز راڄپر سان سالگرهه جي موقعي تي رهاڻ جي   تقريب ڪوٺائي وئي جنهن  کي خطاب ڪندي ايم پي اي اسماعيل راهو  چيو ته تاريخ ۾ چار مارچ وارو ڏهاڙو شاگردن پاران آمريت کي للڪار جي ڪري نمايان حيثيت رکي ٿو چاچو شاهنواز راڄپر شاگرد سياست جي به اهم ڪردار رهيو ۽ کيس جي شخصيت ۾ سڀ سياسي گڻ موجود آهن فاضل راهو سڀني مظلومن،محڪومن ۽ مسڪينن جي ٻچن لاء سياسي جدوجهد ڪئي  ۽ هن جي نظرياتي سياست جا سڀئي وارث آهيون شاهنواز راڄپر چيو ته فاضل راهو سدائين  ڪارڪنن کان لاتعلقي بدران مالڪي ڪئي هو اسان جو سياسي استاد هو هن سدائين عوامي حقن جي جدوجهد لاء اتساهه ڏنو پر افسوس اسين کيس بچائي نه سگهياسين.

ان موقعي تي ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته شاهنواز راڄپر شاگرد سياست دوران علم ۽ ادب سان دل لڳائي ويٺو سندس جو  ڳوٺ لوڪ ڏاهپ جي ڪردارن جي حوالي سان مشهور آهي سندس وڏا حر تحريڪ جا متحرڪ ڪردار هئا ڊاڪٽر عنايت لغاري چيو ته شاهنواز هڪ طلسمي شخصيت آهي هن سان هڪ دفعو ملڻ بعد ٻيهر ملڻ لاء دل چوي ٿي همسفر گاڏهي چيو ته چاچي شاهنواز کي ننڍ پڻ ۾ ئي يتيمي جو درد مليو هي هردور ۾ مزاحمت ۽ جدوجهد جي علامت رهيو آهي غلام قمبر حاجاڻو چيو شاهنواز هميشه ماڻهن کي فاضل راهو جي سياسي واٽ تي هلڻ جو درس ڏنو آهي ۽ هر دور ۾ ظالم سان مهاڏو اٽڪايو آهي ايڊوڪيٽ قادر بروهي چيو ته آئون 83ع ۾ سکر جيل ۾ شاهنواز سان سياسي قيدي جي حيثيت سان گڏ رهيس ھن جيل ۾ به قيدين جي حقن جي جدوجهد ڪئي ۽ 36 شاگردن کي جيل ۾ امتحان دوران پيپر ڏياريا.

تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر برما جيسراڻي چيو ته چاچي شاهنواز اسان جي سياسي تربيت ڪئي ۽ لانڍي جيل ۾ شهيد فاضل راهو اسان جي ٻچن وانگر مالڪي ڪئي وهاب سومرو چيو ته شاهنواز فاضل جو بهادر ساٿي آهي سندس جو راهو ڪي سان پرڻو رشتو آهي جيڪو نڀائيندو پيو اچي جاويد مهر خطاب ۾ چيو ته شاهنواز هڪ گهمندڙ ڦرندڙ تاريخ آهي فاضل جو ذڪر هن کان سواء اڻپورو ٿيندو هن شاگرد سياست کان عوامي حقن لاء پاڻ پتوڙيو آهي ۽ چار مارچ جهڙي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي ان موقعي ٻين اڳواڻن نصرالله جمالي،گل حسن سومرو،ڊاڪٽر وجئي،انور مهراڻوي،امتياز دانش،ڊاڪٽر قدير ڪانڌڙو،امتياز ٻگهيو ۽ ٻين ڀيٽا پيش ڪئي ۽ تقريب جي شروعات کان اڳ کيس اجرڪ ۽ گلدستن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *