Friday , April 26 2024

شاهپور جهانيا ۾ قومي شاهراهه تي آبادگارن جو ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري

دولتپور ( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) دولتپور ڀرسان قومي شاهراهه تي آبادگارن ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ ۽ شگرملز چالو نه ٿيڻ خلاف قومي شاهراهه تي صبح کان لڳل ڌرڻو جاري آهي، آبادگارن تنبو هڻي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي، ڌرڻي جي نتيجي ۾ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، آبادگارن پوليس سان ڳالهين کان انڪار ڪندي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.

سنڌ آبادگار ايڪشن ڪاميٽي ۽ سنڌ  آبادگار بورڊ جي سڏ تي عبدالمجيد نظاماڻي، راضي خان جتوئي، زاهد حسين شاهه، زين شاهه، ڪاظم علي شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراھه تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، آبادگارن جي ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. ڌرڻي تي ويٺل آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته، سنڌ ۾ ڪمند جو فصل پهريون ڀيرو ناهي پوکيو ويو، جو 3 مهينا گذرڻ باوجود سنڌ سرڪار شگرملز چالو ناهي ڪرائي سگهي. هنن چيو ته صوبي ۾ قائم شگر ملز هر سال سرڪاري اگهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏينديون آهن پر هن سال ته انهن ملز هلائڻ کان ئي جواب ڏئي ڇڏيو آهي. آبادگارن اڳواڻن چيو ته، شگر ملز چالو نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ آبادگار معاشي طور تي تباهه ٿي ويا آهن، 3 مهينن کان لاڳيتو احتجاج ڪرڻ باوجود به سنڌ سرڪار ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته، ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي پوکي به سخت متاثر ٿي آهي ۽ آبادگار ٻه طرفو عذاب ڀوڳي رهيا آهن، حڪومت هٿ وٺي زراعت کي تباهه ڪري رهي آهي. آبادگارن چيو ته هاڻي روڊن تي نڪرڻ کانسواءِ اسان ٻو ڪو به دڳ ناهي، مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي ۽ هي ڌرڻو به ختم نه ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *