Thursday , April 25 2024

شاهه محمود قريشي ۽ وزيراعظم جي ويجهي ساٿي جهانگير ترين وچ ۾ تڪرار

لاهور( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين وچ ۾ هلندر سرد جنگ نيٺ منظر تي اچي وئي، پرڏيهي وزير چيو آهي ته، جهانگير ترين کي سرڪاري گڏجاڻين ۾ نه ويهڻ گهرجي، ان سان مخالفن خاص طور تي نون ليگ کي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت تي تنقيد جو موقعو ملي وڃي ٿو، شاهه محمود قريشي شهيد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل ڪرڻ جي به مخالفت ڪري ڇڏي آهي، بي آءِ ايس پي جو نالو تبديل ڪرڻ هڪ نان اشو کي اشو بڻائي حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن.  گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته، عوام ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي ڳٺ جوڙ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

گورنر هائوس لاهور ۾ گورنر چوڌري سرور سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته جولاءِ ۾ هڪٻئي خلاف چونڊ وڙهندڙ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي سمورا سياسي نظريا وساري هڪ ٿي ويا. پرڏيهي وزير چيو ته، ڪجهه مهينا اڳ هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيندڙ ننڍي چونڊ ۾ هڪ ٿي ويا، اهو سندن سياسي ڏيوالپڻي جو اظهار هو. شاهه محمد قريشي دعويٰ ڪئي ته يوسف رضا گيلاني جي اولاد ان ڪري نواز ليگ سان ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنجاب ۾ پ پ جو ڪو سياسي مستقبل ناهي. ملتان جي چونڊ ۾ گيلاني ڪٽنب ان ڪري نوازليگ سان ويجهو ٿيو جو کين خبر آهي ته مستقبل ۾ پنجاب اندر پ پ جو ڪو به مستقبل ناهي. هن چيو ته، جهانگير ترين جو ردعمل به سامهون اچي ويو، جهانگير ترين چيو آهي ته جتي به ويندو آهيان وزيراعظم جي هدايت تي ويندو آهيان، شاهه محمود قريشي سميت ڪير به مون کي عوام جي خدمت ڪرڻ کان نه ٿو روڪي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *