Friday , March 29 2024

شاهراهه فيصل تي ايف ٽي سي بلڊنگ ۾ باهه،سرڪاري آفيسون به متاثر

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار)  ڪراچي جي مصروف روڊ شاهراهه فيصل تي قائم فنانس اينڊ ٽريڊ سينٽر (ايف ٽي سي) جي عمارت ۾ باهه لڳي وئي آهي، جنهن ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ضابطو اچي ناهي سگهيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب ڪجهه سرڪاري ۽ نجي ادارن جي آفيسزکي نقصان رسيو آهي. www.sindhsamaachar.com جي اطلاعن مطابق عمارت ۾ باهه ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات و لڳ ڀڳ ڏيڍ وڳي ڌاري لڳي هئي، جنهن کي شروعاتي طور عمارت جي انتظاميه پاران وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ناڪامي تي لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ دير سان فائربرگيڊ کي طلب ڪيو ويو. فائربرگيڊ پاران شروعاتي طور تي 2 گاڏيون اماڻيون ويون جيڪي باهه وسائي نه سگهيون آهن، باهه هن وقت پوڻين ٽي وڳي رات جي به وسامجي ناهي سگهي. انتظاميه فائر برگيڊ ۽ واٽر ٽئنڪر طلب ڪيا ويا آهن، جيڪي اڃا سوو نه پهچي سگهيا آهن.

ڪراچي:شاهراهه فيصل تي ايف ٽي سي بلڊنگ کي لڳل باهه جو ڏيک – فوٽو سنڌسماءَچار

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *