Thursday , March 28 2024

شام جي شهر غوطه ۾ سرڪاري فوجن جا حملا،121 معصوم ٻارڙا مارجي ويا

Photo curtsy b y  REUTERS

غوطه (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) انساني حقن جي عالمي نگران اداري سيرين آبزرويٽري گروپ / ايس او جي، پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته، شام جي شهر غوطه ۾ سرڪاري فوجن ۽ هوائي حملن ۾ وڏو تعداد معصوم ٻارڙن جو آهي، هڪ هفتي دوران 121 ٻارن سميت 510 ماڻهو مارجي ويا آهن.

فرانس جي خابرو اداري اي ايف پي جي هڪ خبر مطابق سيرين آبزرويٽري گروپ / ايس او جي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ شامل ملڪ شام ۾ جنگ بندي واري معاملي تي ايندڙ جمعي ڏينهن 2 مارچ تي رٿيل هئي جيڪا ملتوي ڪئي وئي آهي، جنهن سان شام ۾ جنگ بندي وارو معاملو هڪ ڀيرو وري رولي ۾ پئجي ويو آهي. برطانيا ۾ قائم ان اداري ايس او جي جو چوڻ آهي ته، شام جي غوطه شهر جي مختلف علائقن ۾ شامي فوجن پاران زميني ۽ هوائي حملن ۾ صرف هڪ هفتي دوران 121 ٻارن سميت 510 ماڻهو مارجي ويا آهن. رپورٽ مطابق گذريل 24 فيبروري /ڇنڇر واري رات جو هڪ هوائي حملي دوران وڌيڪ 8 معصوم ٻارڙا ۽ 32 عام شهرين کي ماريو ويو آهي. ان رات فوج جي حملن ۾ شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪيل گولا باري جي نتيجي ۾ گهرن کي باهه به وڪوڙي وئي هئي، جنهن ۾ ٿيل جاني نقصان بابت به انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن.

Photo curtsy b y  REUTERS

 سيرين آبزرويٽري گروپ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، شامي شهر غوطه جي اوڀر واري علائقي ۾ روسي فضائيه جي حمايت يافته شامي حڪومت فوجي ڪارروايون گهٽائڻ بدران جيئن جو جاري رکيون پئي اچي.اي ايف پي جي خبر مطابق ان ئي سلسلي ۾ هاڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام ۾ روسي ڪردار کي نفرت جهڙو عمل قرار ڏنو آهي. خبرن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ترڪي شام جي غوطه شهر جي اوڀارئين علائقي ۾ هلندڙ انساني رت جي هولي کي تڪڙو بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻي پاسي وري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيوگيوٽرز پنهنجي هڪ بيان ۾ ، ”باغين جي علائقي کي زمين تي جهنم“ قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته، غوطه شهر ۾ هلندڙ جنگ کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *