Saturday , April 20 2024

شاباش سنڌ حڪومت ! گندو پاڻي واپرائڻ جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا، مُدي جي بخار ”ٽائيفائيڊ“ جي دوا بي اثر ٿي وئي، سرڪار جي ڪن تي جونءَ به نه چُري

tifed fever 01

شاباش سنڌ حڪومت ! گندو پاڻي واپرائڻ جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا، مُدي جي بخار ”ٽائيفائيڊ“ جي دوا بي اثر ٿي وئي، سرڪار خاموش تماشائي بڻجي وئي

سنڌ ۾ گندو پاڻي واپرائڻ وارو مامرو ان وقت منظر تي آيو هو جڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي واٽر ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو هو ته، ” سنڌ جا ماڻهو گندو پاڻي واپرائي رهيا آهن ۽ تعجب آهي ته اُهي جيئرا ڪيئن آهن“. اهڙي رپورٽ کانپوءِ وري هڪ نئين انڪشاف اهو به ٿيو آهي ته، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ۾ مُدي جي بخار ”ٽائيفايڊ“ ۾ وٺجي ويا آهن، جن تي ان مرض جي دوا  ” ازيٿرو مائيسن “ به اثر ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن جي نتيجي سوين ٻارڙن جون حياتيون داءُ تي لڳي ويون آهن. اهڙن اطلاعن باوجود به سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي تي ٽَڪي جو اثر ناهي ٿيو.

رپورٽس مطابق  حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ڪجهه علائقن جا سوين ٻار مهينن کان مُدي جي بخار ”ٽائيفائيڊ“ ۾ ورتل آهن ۽ انهن علائقن ۾ مُدي جي بخار لاءِ استعمال ٿيندڙ دوا  ” ازيٿرو مائيسن “ بي اثر ٿي وئي آهي. گڏ ڪيل معلومات مطابق حيدرآباد شهر جي قاسم آباد، لطيف آباد ۽ وحدت ڪالوني وارن علائقن ۽ ڪراچي جي گلشن حديد، ملير ڪياماڙي ۽ گلستان جوهر وارن علائقن جا رهواسي اڍائي سئو کان وڌيڪ ٻارڙا گذريل ٽن مهينن کان مُدي جي بخار ”ٽائيفائيڊ“ ۾ ورتل آهن. جن کي مرض جي مخصوص دوا  ” ازيٿرو مائيسن “ به اثر ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن جي صحت وڌيڪ خراب ٿيڻ ۽ مٿن ٻين بيمارين جي حملي جا به خدشا وڌي ويا آهن. انهن ٻارن مان حيدرآباد جي تعلقي اسپتال قاسم آباد ۾ 15 ٻار داخل ٿيل آهن،ان سلسلي ۾ صحت کاتي مدي جي بخار ۾ ورتل 162 ٻارن تي تجربو ڪرڻ کانپوءِ هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي. رپورٽ موجب گندو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب ئي اها دوا پنهنجو اثر وڃائي ويٺي آهي.

tifed fever 01tifed fever 03

رپورٽ موجب تجربي دوران متاثر ٻارن تي مدي جي بخار واري دوا ازيٿرو مائيسن استعمال ڪئي وئي پر ان جو ڪنهن به ٻار تي اثر نه ٿيو، جنهن ڪري هاڻي مدي جي بخار لاءِ ٻي دوا سيفڪٽرائزون استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر انور ابڙي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ مدي جي بخار جا 15 ٻارڙا داخل آهن، جن جو علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته ٻارڙن جون ٽيسٽون آغا خان ليبارٽري مان ڪرايون پيون وڃن، هوڏانهن ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر احمد حيدررابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مُدي جي بخار جي دوا ڪن سببن ڪري ريزسٽ ڪري وئي آهي، جنهن جو بيماري ۾ ورتل 162 ٻارڙن تي تجربو پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ تصديق ٿي وئي آهي ته ته دوا مدي جي بخار تي اثر نه پئي ڪيو ۽ ان جو مک ڪارڻ ئي اهو آهي ته صحت لاءِ هاڃيڪار گندو پاڻي واپرايو پيو وڃي. هن چيو ته مدي جو بخار به صفائي نه رکڻ سان ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف وقتن تي دوائون ريزسٽ ڪري وينديون آهن، جيئن پينسلين، ايمپي سيلين سان ٿيو.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *