Wednesday , April 24 2024

سڪرنڊ: کليل گٽر2 سالن جي ٻارڙي جي حياتي کسي ورتي، _ڇا گٽرن جا ڍڪڻ پنجاب لڳائيندو يا وفاق:عوام جو سوال

sakrand child

سڪرنڊ شهر جي حسين آباد ڪالوني ۾ ٻن ورهين جوصفيان آرائين کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو. شهري مظهر حسين آرائين جو ٻن سالن جو پٽ صفيان علي خميس ڏهاڙي شام جو گهر ٻاهران راندي ڪندي گم ٿي ويو. نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته صفيان جي ڪافي ڳولا ڪئي اوڙي پاڙي ۾ اعلان ڪرايا پر سندس ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو.

وارثن جو چوڻ آهي ته بجلي بند هجڻ سبب به صفيان جي ڳولا ۾ ڏکيائي پيش آئي، رات جو جئين ئي بجلي آئي ته صفان کي کليل گٽر ۾ ڏٺو ته فوري طور ٻاهر ڪڍيو پر هُو فوت ٿي چڪو هو.

نينگر جو لاش ملڻ بعد سندس گهر ۾ ڪهرام پئجي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. نينگر جي وارثن ۽ علائقي واسين لاش کڻي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو. پر سندن ڪنهن به دانهن نه ٻڌي.

هنن چيو ته سڪرنڊ شهر جي سمورن رهائشي علائقن جا اڪثر گٽر کليل هجن ٿا، جتي ڪو نه ڪو حادثو ٿيندو رهي ٿو. هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته شهر ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ به معمول بڻجي ويو آهي.

وارثن چيو ته نينگر جو موت کليل گٽر ۽ بجلي جي بندش جو نتيجو آهي. هنن مقامي انتظاميا ۽ حيسڪو عملدارن خلاف نينگر جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

“سنڌ رجيڪٽس بوگس ڊوميسائيلز”ٽويٽر تي ٽاپ ٽرينڊبڻجي ويو

#SindhRejectsBogusDomiciles ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *