Thursday , April 25 2024

سڪرنڊ: ” مڙس ماڻهو“ پيءُ ۽ چاچي نياڻي کي ڪارنهن جو داغ هڻي سندس زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

honor killing 1

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ جان محمد بروهي ۾ ”مڙس ماڻهو پيءُ ۽ چاچي غيرت“ ۾ اچي نياڻي ساڪما بروهي ۽ نوجوان واحد بخش بروهي کي فائرنگ جو نشانو بڻايو، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ناري ساڪما ٿڏي تي پنهنجي پيءُ ۽ چاچي جي غيرت جو نشانو بڻجي وئي. ساڪما بروهي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي ساهه ڏئي ڇڏيو.

کڏهر پوليس جي ايس ايڇ او غلام حسين پيرزادو نوجوان ناري جو لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد ڳوٺ جي نيڪ مرد شفيع محمد بروهي جي حوالي ڪيو ويو. نوجوان ناري کي سندس جوابدار پيءُ اڪبر بروهي ۽ جوابدار چاچي شاهه محمد بروهي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي، جڏهن ته موقعي تي ئي نوجوان واحد بخش بروهي تي پڻ بندوق جا فائر ڪيا ويا جيڪو زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن کيس نوابشاهه اسپتال پهچايو. نوجوان واحد بخش بروهي پوليس کي پنهنجو مؤقف ڏيندي ٻڌايو ته آئون پنهنجي ڳوٺ ٻاهران بيٺل هئس ته اڪبر بروهي مونکي سڏ ڪري بندوق جا فائر ڪيا، جنهن بعد آئون شاخ ۾ ڪري پيس، جتان ٿوري دير بعد هوش آيو ته پنهنجي ڳوٺ پهچي مائٽن کي حقيقت ٻڌايم.

ٻئي طرف کڏهر پوليس مطابق جوابدارن اڪبر بروهي ۽ شاهه محمد بروهي پوليس کي ٻڌايو ته ناري ساڪما ۽ واحد بخش بروهي کي اسان جي گهرن ٻاهران اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسڻ بعد سندن مٿان بندوق جا فائر ڪيا ويا. جڏهن ته کڏهر ٿاڻي تي سرڪار پاران سب انسپيڪٽر امير علي شاهاڻي جي مدعيت ۾ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، جڏهن ته زخمي نوجوان واحد بخش بروهي جي ڀاءُ غلام محمد بروهي جي فرياد تي کڏهر ٿاڻي تي واقعي جو ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فريادي مؤقف ڏنو آهي ته چئن جوابدارن منهنجي ڀاءُ کي گهران سڏي بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪرڻ بعد پنهنجي نياڻي کي پڻ ڪاروڪاري الزام تحت قتل ڪيو آهي. اطلاعن مطابق کڏهر پوليس ٻن جوابدارن اڪبر بروهي ۽ شاهه محمد بروهي کي بندوق سميت گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *