Friday , April 26 2024

سکر ۾ ڊاڪٽرن جي هڙتال هڪ ماءُ جي جهولي خالي ڪري ڇڏي

سکر(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سکر جي هڙتالي ڊاڪٽرن ساڳئي ڪٽنب جي وڌيڪ هڪ ٻارڙي کان حياتي کسي ماءَ جي جهولي خالي ڪري ڇڏي، سڄي سنڌ ۾ ڊاڪٽرز جي هڙتال مريضن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، هڙتال سبب سکر جي سول اسپتال ۾ داخل ڇهن مهينن جو ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو، وارثن جو چوڻ آهي ته هڪ سال به سکر جي اسپتال ۾ سندن هڪ ٻارڙو ڊاڪٽرن جي هڙتال دوران علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو هو. سنڌ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ هڙتال تي ويل سرڪاري ڊاڪٽرز سکر ۾ هڪ معصوم نينگر غلام مرتضيٰ کان زندگي کسي ورتي آهي. فوتي ٻارڙي جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته، ڊاڪٽرن انساني ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. منهنجي 6 مهينن جي پٽ غلام مرتضيٰ کي تيز بخار هو، جنهن ايمرجنسي ۾ سکر اسپتال ۾ آندو. هن چيو ته ڊاڪٽرن کي ايلاز منٿون ڪندا رهياسين پر هنن پٽ جو علاج نه ڪيو ۽ علاج نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ سندس ڇهن مهينن جو معصوم پٽ فوت ٿي ويو. هن ٻڌايو ته، هڪ سال اڳ به سندس معصوم پٽ جي طبعيت خراب ٿي هئي، جنهن کي ساڳئي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، پر انهن ڏينهن ۾ به ڊاڪٽر هڙتال تي هئا. هن ٻڌايو ته سال اڳ به ڊاڪٽرن منٿن باوجود پٽ جو علاج نه ڪيو هو ۽ اهو به زندگي جي جنگ هارائي ويو هو. ٻارڙي جي والد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ سنڌ ها3 ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ نوٽيس وٺي سکر اسپتال جي ايم ايس سميت سمورن ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏيارين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *