Friday , April 19 2024

سکر گم ٿي ويل 6 نينگر هٿ نه آيا، گهرن ۾ روڄ راڙو

سکر: 6 ٻارن جي درياهه ۾ امڪاني طور ٻڏي وڃڻ بعد رات ٿي وڃڻ ڪري ڳولا شروع نه ٿي سگهي

سکر (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سکر جي ڪوئينز روڊ واري علائقي مان گم ٿي ويل، 6 نينگر2 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ملي سگهيا، سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي وڃڻ جو به امڪان ظاهر، درياهه ۾ ڳولا شروع ٿي نه سگهي، گم ٿيلن ۾ 3 سڳا ڀائر، ٻيا 2 به سڳا ڀائر ۽ هڪ ڄڻو انهن جو دوست شامل آهي. وهنجڻ ويندڙ ٻارن جا سي سي ٽي وي فٽيجز به هٿ اچي ويا. گذريل ڏينهن کان گُم ٿيل 6 نينگرن جي ڳولا دوران پوليس ۽ وارث بندر روڊ تي الله والي مسجد پويان سنڌو درياءَ جي ڪناري تي پهتا، جتان نينگرن جا جوتا ۽ ڪپڙا هٿ ڪيا ويا آهن. اُن موقعي تي وارثن جوتا ڏسي سڃاڻپ ڪئي.

وارثن جو چوڻ آهي ته پاڙيسري نينگر غلام مصطفيٰ ٻرڙو ٻڌايو ته هو گڏجي درياءَ ۾ وهجندا هئا، جنهن ڪناري تان هو وهجندا هئا، اُتان ئي گُم ٿيل نينگرن جا ڪپڙا ۽ جوتا هٿ ڪيا ويا آهن. ڪوئينز روڊ واسي 6 نينگر گذريل ڏينهن ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ ويا ته گهر واپس نه موٽيا. گُم ٿيل نينگرن ۾ ابتسام، احتشام، انس، قاسم، عاصم ۽ حماد شامل آهن، جن جون عمريون 11 کان 16 سال تائين آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته سمورا نينگر شام جي وقت راند کيڏڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ جو سامان دُڪان تي رکي واپس هليا ويا، اُن کانپوءِ هو گهر ئي نه موٽيا آهن. ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ هو ته درياءَ، واهه، درگاهن ۽ پارڪس ۾ نينگرن جي ڳولا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وارثن، مٽ مائٽن ۽ دوستن جا بيان ورتا ويا آهن. نينگرن جي جلد ڳولا ڪئي ويندي. سي سي ٽي وي فٽيجز به هٿ اچي ويا، جنهن ۾ 8 ٻار نظر اچي رهيا آهن، جيڪي وهنجڻ لاءِ سنڌو درياهه طرف وڃي رهيا آهن. سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ 8 ٻارن جي نظر اچڻ بعد وڌيڪ ٻن ٻارن جي گم ٿيڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جن جا وارث به سامهون نه آيا آهن.

حليم عادل شيخ پاران مخالفن لاءِ ” سَريَي وارو لنڊ“ رکي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *