Saturday , April 20 2024

سکر پوليس مهينو اڳ گرفتار ڪيل نوجوان عرفان جتوئي کي پوليس جڙتو مقابلي ۾ مارجي ڇڏيو

ڪراچي / روهڙي ( رپورٽ: اصغر آزاد / خاص نمائندو سنڌسماءَچار)  سکر پوليس سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل تان گرفتار ڪيل نوجوان کي جهانگڙو واري علائقي ۾ ڦورو ڄاڻائي جڙتو مقابلي ۾ ماري ڇڏيو؛ ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان عرفان خروس جتوئي کي سکر مان بااثر سياسي شخص جي گاڏي ڦرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪري سکر نيو ويو، وارثن کان سندس آزادي جي گهر ڪئي پر ادا نه ڪري سگهڻ تي کيس پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو، ايس ايس پي سکر عرفان سمون بااثر شخص کي مهانگي گاڏي جي رقم ادا ڪئي ۽ اوڳاڙي نه ٿيڻ تي نوجوان کي مقابلي ۾ ماريو ويو.

گذريل مهيني ڏهين فيبروري تي هٽڙي پوليس سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 22 تي ڇاپو هڻي هڪ دوست سان گڏ ڪيل عرفان خروس جتوئي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو گذريل رات دير سان سکر پوليس جهانگڙو ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. عرفان جتوئي جي شڪي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ جي تصديق تڏهن ٿي جڏهن مارجي ويل نوجوان عرفان خروس جتوئي طور ڪئي وئي ۽ سندس وارثن لاش وصول ڪيو. نوجوان جي والد روشن خروس جتوئي پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي نوجوان پٽ کي ناحق قتل ڪرڻو جو الزام ايس ايس پي سکر عرفان بلوچ ۽ حيدرآباد جي هٽڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نثار شاهه تي لڳايو. روشن خروس  چيو آهي ته پٽ جي آزادي لاءِ ايس ايس پي عرفان سمون ۽ نثار شاهه پهريان 25 لک ۽ پوءِ  20 لک رپيا رشوت گهري جيڪا ادا نه ڪري سگهياسين نيٺ هنن پٽ کي ڦورو ڄاڻائي مقابلي ۾ مارڻ جو  ڊرامو رچايو آهي. هن چيو ته پوليس پاران پٽ جي  گرفتاري بعد کيس گم ڪرڻ واري معاملي خلاف ڄامشوري ۽ سکر جي عدالت ۾ درخواست به داخل ڪئي هئي جنهن ۾ عدالت ڌرين کي نوٽيس به جاري ڪيا هئا ۽ اهو ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

عرفان خروس جتوئي جي پوليس جي شڪي مقابلي ۾ مارجڻ بابت جڏهن سنڌسماءَچار سکر، روهڙي ۽ منڊو ديرو ۾ مختلف ذريعن سان رابطا ڪيا ويا ته اهم انڪشاف ٿيا. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق،  “ جنوري 2021 جي خري هفتي دوران سکر مان هڪ انتهائي بااثر سياسي شخصيت جي قيمتي گاڏي جي ڦر ٿيڻ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن گاڏي جا لڳ ڀڳ 35 لک رپيا سکر پوليس بااثر سياسي شخصيت کي ادا ڪيا هئا”.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته “ پوليس پئسا ته پورا ڪيا پر ادا ڪيل رقم جي اوڳاڙي ۽ گاڏي واپس ڪرائڻ لاءِ پوليس جتن ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، جنهن دوران سکر پوليس حيدرآباد جي هٽڙي پوليس ۽ هڪ پوليس آفيسر نثار شاهه جيڪو اتي مقرر هو جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ عرفان خروس جتوئي کي گاڏي ڦر جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو”. مليل ڄاڻ موجب پوليس عرفان جي والد روشن خروس جتوئي سان رابطو ڪري سندس پٽ کي آزاد ڪرڻ لاءِ پهريان 25 لک رپيا رشوت طلب ڪئي ۽ بعد ۾ اهو معاملو 15 کان 20 لک درميان طعي ٿي، جيڪا به نوجوان جا وارث ادا نه ڪري سگهيا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *