Thursday , March 28 2024

سکر واسي ساهرن پاران ڳلو ڪپي قتل جي ڪوشش بعد بچي ويل عورت زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي، خدا ترس جو آسرو

خيرپور( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪجهه ڏينهن پهريان شڪارپور ويجهو چڪ شهر ۾ ساهرن پاران تشدد جو نشانو بڻائي سندس ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد مئل حالت فٽو ڪيل عورت وري به زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ناري آرزو کي سندس مڙس عرفان شاهه ٻين گهر ڀاتين سان گڏجي سخت تشدد جو نشانو بڻائي کيس ڪُهي /ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن کي اطلاع ملڻ تي سندس سکر جي رهواسي والد رڪشو هلائي پيٽ گذر ڪندڙ آرزو جي سکر جي واريتڙ واسي والد کڻائي سکر جي حرا اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، جتي هن سندس علاج لاءِ پيٽ گذر جو ذريعو رڪشو به کپائي ڇڏيو آهي. ناري جي والد جو چوڻ آهي ته پئسه نه هجڻ ڪري نياڻي جو علاج نه ٿو ڪرائي سگهي ۽ انڪري ئي حرا اسپتال جي انتظاميه سندس نياڻي کي زبردستي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته، هاڻي سندس نوجوان نياڻي بنا علاج جي گهر ۾ آهي، جيڪا سندن نظرن جي آڏو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ اسان ڪجهه نه نه ٿا ڪري سگهون اهڙي بيوسي واري حالت ته اسان کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي. هن سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس نياڻي جو علاج ڪرائي حياتي بچائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي هجن ٻڌايو ته نياڻي جي مڪمل علاج تي علاج مڪمل نه ٿيڻ ۽ ڳلي جو آپريشن ڪراچي ۾ نجي اسپتال ۾ ممڪن آهي ۽ ان تي 2 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ايندو. ( فوٽو ۽ معلومات محترمه صنم منگي جي فيس بڪ وال تان ورتل – محترمه صنم منگي جي ٿورن سان).

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *