Friday , March 29 2024

سکر: لاڳيتو مينهن وسڻ بعد سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه جاري

Sukkur barrage01

ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ لڳاتار برسات پوڻ کان پوءِ سنڌو درياءَ جي وهڪرن م تيزي اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ڪالا باغ بئراج چشما ڍنڍ ۽ تونسابئراج تي گذريل 3 ڏينهن کان ننڍي ٻوڏ برقرار رهڻ بعد گڊو بئراج تي 24 ڪلاڪن ۾ 12 هزار ڪيوسڪ واڌ آئي آهي جنهن بعد آبپاشي کاتي سنڌ گڊو بئراج تي ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي . ايندڙ 24کان 30 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

آبپاشي کاتي پاران پاڻي جي جاري ڪيل انگ اکرن موجب هن وقت گڊو بئراج جو مٿاهون وهڪرو 2 لک 4هزار 922 ڪيوسڪ  ،هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 74 هزار 600ڪيوسڪ ،سکر بئراج وٽ مٿاهون هڪ لک 41 هزار702 ڪيوسڪ ،هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 212 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي مٿاهون وهڪرو 60 هزار 270 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 36 هزار 835 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي هوڏانهن سکر بئراج ڪنٽرول روم جي انجارچ عبدالعزيز سومرو برساتن جو پاڻي گڊو بئراج کان مٿان مٺڻ ڪوٽ وٽان ڊي جي خان جي جابلو علائقن مان ايندڙ برساتي پاڻي ننڍي ٻوڏ ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.ٻئي طرف ڪمشنر سکر عباس بلوچ سکر بئراجي جي ڪمانڊ ايريا ۾ ايندڙ الرا جاگير بچاءُ بند ،بهارو ديرو بند ۽ ايس ايم سڳيون بند دورو ڪري بندن تي ٿيل قبضن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ابپاشي کاتي جي عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي کين حڪم ڏنا ته رينجرس جي مدد سان جلد قبضا ختم ڪرايا وڃن

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *