Thursday , April 18 2024

سکر: سنڌوءَ ۾ چاڙھ، ڪچي ۾ پاڻي پهچڻ لڳو، ماڻهن ۾ ”ڪچو ٻڏي ٻيڻو ٿيڻ“ جي اميد تي سرهائي

Guddu2

سانوڻي جي مند ۾ ملڪ جي مٿئين علائقن ۾ جهجها مينهن وسڻ ۽ گلشيئر تان برف ڳري پاڻي جي صورت ۾ سنڌءَ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ تربيلا، تونسا ۽ چشما وارن علائقن ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار رهڻ ۽ پاڻي جي سطح برقرار آهي. پاڻي جي سطح برقرار هڻ بعد سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر بئراجز وٽ به پاڻي جي وهڪرن ۾ لاڳيتو چاڙھ اچي رهيو آهي. آبپاشي کاتي پاران سنڌو درياءُ ۾ گڊو بئراج وٽ وچولي ٻوڏ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سکر بئراج تي اا اگسٽ تي وچولي ٻوڏ جو ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو.

تربيلا، ڪالاباغ ۽ تونسا وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي، چشما وٽان وچولي ٻوڏ جو وهڪرو گذري رهيو آهي. سنڌ جو ڪچو ۽ انڊس ڊيلٽا  سيراب ٿيڻ لڳا. ملڪ جي مٿانهن علائقن ۽ مٿئين پنجاب ۾ سانوڻيءَ جي برساتن ۽ اسڪردو ۽ ڀر پاسي وارن علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ ڪري برف جا گليشيئر پگھرجڻ سبب  سنڌو درياءَ جي وهڪرن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي. تربيلا کان سکر بئراج تائين ٻوڏ وارا وهڪرا وهي رهيا آهن. اسڪردو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گرمي پد 29 ڏهائي4 درجا سينٽي گريڊ آهي. تربيلا بند ۾ پاڻي جي سطح هڪ هزار 541 فٽ رهي. اتي هڪ هزار 550 فٽ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش آهي، ان ۾ رڳو 9 فٽ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش رهجي وئي آهي. تربيلا وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 95 هزار 500ڪيوسڪ، هيٺانهون وهڪرو 2 لک 39 هزار ڪيوسڪ رهيو.

Guddu1kacha 1

سنڌو درياءَ کي پنهنجو مڪمل پاڻي ارپيندڙ ڪابل درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو 51 هزار 300 ڪيوسڪ رهيو. ڪالاباغ جي جناح بئراج ۾ ننڍي ٻوڏ جو وهڪرو رهيو. اتي مٿانهون وهڪرو 3 لک 2 هزار 734 ڪيوسڪ، هيٺانهون وهڪرو 2 لک 94 هزار 734 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ٿل ڪئنال ۾ 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. چشما ڍنڍ وٽ به ننڍي ٻوڏ رهي جتي مٿانهون وهڪرو 3 لک 47 هزار 138 ڪيوسڪ، هيٺانهون وهڪرو 3 لک 33 هزار 714 ڪيوسڪ وهيو. اتان سي جي لنڪ ڪئنال ۾ هڪ هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. تونسا بئراج وٽان وچولي ٻوڏ وارو وهڪرو گذريو. تونسا وٽ مٿانهون وهڪرو 4 لک 24 هزار 388 ڪيوسڪ، هيٺانهون وهڪرو 4 لک 18 هزار 388 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اتان ٽي پي لنڪ ڪئنال ۾ 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. مٺڻ ڪوٽ چاچڙان شريف وٽ مٿانهين پاسي پاڻي جي سطح 12ڏهائي 8 فٽ ۽ ھيٺين پاسي 10 ڏهائي 3 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي. سنڌو درياءُ جي وهڪرن ۾ مسلسل چاڙهه وارو سلسلو جاري آهي. سکر بيراج سميت سنڌ جي ٽنهي بيراجن تي پڻ پاڻي جا وهڪرا وڌي رهيا آهن. گڊو بيراج تي 24 ڪلاڪن اندر 54  هزار ڪيوسڪ واڌ ٿي وئي آهي، پاڻي جو وهڪرو ساڍا 3 لک ڪيوسڪ ٿيڻ بعد آبپاشي کاتي گڊو بيراج تي وچولي ٻوڏ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

suk 1

آبپاشي کاتي موجب هن وقت گڊو بيراج تي پاڻي جا مٿانهان وهڪرا  3 لک 53 ھزار 740 ڪيوسڪ ٿي ويا آھن جڏهن ته گڊو جو هيٺانهون وهڪرو 3 لک 22 هزار  406 ڪيوسڪ رهيو. گڊو بئراج جي واهن ۾ 30 هزار 648 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. سکر بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 48 هزار 50 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وهڪرو هڪ لک 91 هزار 660 رڪارڊ ڪيوويو آھي ۔ سکر بئراج جي واهن ۾ 56 هزار 390 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. ڪوٽڙي بيراج جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 27 هزار 45 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 87 هزار 10 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج جي واهن ۾ 40 هزار 35 ڪيوسڪ پاڻي وهايو ويو. آبپاشي کاتي موجب 11 آگسٽ تي سکر بيراج تي پڻ پاڻي جا وڏا وهڪرا پهچندا جنهن سان سکر بيراج تي وچولي ٻوڏ ٿيندي. سنڌو درياءُ جي وهڪرن ۾ چاڙھ بعد گڊو ۽ سکر بئراج جي ڪمانڊ ايريا ۾ ڪچو پاڻي سان ڀرجڻ شروع ٿي ويو آهي. ڪچي جا رهواسي مٿانهن هنڌن تي منتقل ٿي رهيا آهن. جڏهن ته سالن کان سڪايل انڊس ڊيلٽا به پاڻي سان سيراب ٿي چڪي آهي جنهن سبب مهاڻن جن منهن تي مرڪون موٽي آيون آهن ۽ تمر جي پوکائي به شروع ٿي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *