Friday , March 29 2024

سکر: بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ لاءِ عورتون رات جو ايزي پئسا سينٽر آڏو سمهي رهيون

sukur BISP1

)فوٽو ممتاز صوفي جي وال تان کنيل(

سکر:  بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ لاءِ عورتون رات جو ايزي پئسا سينٽر آڏو سمهي رهيون

اپوزيشن  ليڊر ۽ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي شهر سکر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسسا بئنڪ جي اي ٽي ايم ذريعي ڏيڻ وارو سلسلو بند ڪيو ويو آهي،جنهن بعد اهي پئسا هاڻي هڪ نجي ڪمپني معرفت ايزي پئسا شاپس تان وٺي سگهبا.

Khursheed shah2

سکر شهر ۽ ڀرپاسي جي رهواسي عورتن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ لاءِ سکر جي گهنٽاگهر واري علائقي ۾ هڪ ايزي پئسا شاپ ٻاهران رات جو ئي اچي سمهي رهيون آهن.

غربت کان تنگ ۽ ڪجهه هزارن جي آسري ۾ حڪومتن پاران ام،ير سنڌ جي ماڻهن جي اهڙي حالت گذريل ڪجهه سالن کان ڪئي وئي آهي، جو عورتن جي عزت نفس کي اهڙي طرح مجروح ڪيو پيو وڃي، جو سنڌ جي سوين سالن تائين جي ماضي اهڙا مثال به نه ٿا ملن.

سينٽرز تي ايندڙ عورتن ايجنٽ مافيا ۽ نمبر دير سان يا وري نه اچڻ جي خوف کان هڪ رات اڳ ئي اچي ايزي پئسا سينٽر آڏو پٽ تي سمهي رهيون آهن، جيڪي صبح جو پئسا ملڻ جو آسرو رکيون ويٺيون آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *