Thursday , April 18 2024

سکر به موهن جو دڙو بڻجي ويو آهي: سپريم ڪورٽ

سکر پريس ڪلب جو ٻاهريون ڏيک

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سکر پريس ڪلب جي ٻئي هنڌ منتقلي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران، جسٽس گلزار احمد چيو ته، مان سکر شهر پنڌ گهمي ڏٺو آهي، شهر ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ٿهي ويو آهي ۽ موهن جي دڙي جو ڏيک ڏيندو آهي، شهر ۾  نه بجلي آهي ۽ نه ئي وري ڪا سهولت مهيا ٿيل آهي. سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ سکر پريس ڪلب جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ميئر ۽ ڊي سي سکر پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران عدالت پريس ڪلب انتظاميا، ميئر ۽ ڊي سي سکر کي مهيني اندر معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊي سي ۽ ميئر جو ڪم عوام جا مسئلا حل ڪرڻ هوندو آهي، مسئلا حل ڪرڻ بدران شهر کي ڪچري جو ڍير بڻايو ويو آهي. سکر ۾ نه اُتي بجلي آهي ۽ نه ئي وري ڪا سهولت مهيا ٿيل آهي. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته آئون سڄو سکر پيرئين پنڌ گهميو آهيان، سکر کي کنڊر بڻايو ويو آهي، شهر کي موهن جو دڙو جا کنڊرات بڻايو ويو آهن.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پُڇيو ته سکر پريس ڪلب کي ڪير ڊاهڻ گهري ٿو، جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ آگاهه ڪيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪري رهيا آهيون. عدالت سکر پريس ڪلب لاءِ متبادل جاءِ ڏيڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارڪ اندر پريس ڪلب ڪيئن ٺاهيو ويو، مڪمل رڪارڊ ڏيکاريو وڃي. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارڪس ۾ جهولا به غيرمعياري لڳايا ويندا آهن. سڄي دنيا مان غيرمعياري جهولا ڳولي هتي آندا ويندا آهن، پوءِ جهولا ڪرڻ سبب جاني نقصان ٿيندو آهي، ڪراچي جي عسڪري پارڪ ۾ به اهڙي قسم جو واقعو ٿي چڪو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته هاڻ سنڌ سرڪار ڇاٿي چاهي، جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته پارڪ جي زمين هئي، تنهن ڪري پريس ڪلب کي ختم ڪري رهيا آهيون. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته پريس ڪلب به عوامي هنڌ هوندو آهي. پريس ڪلب لاءِ ڪا متبادل جاءِ مهيا ڪريو. ڊي سي سکر عدالت کي آگاهه ڪيو ته پريس ڪلب وارن 5 جاين جي چونڊ ڪئي آهي، پر اسان اُهي نٿا ڏئي سگهون. جسٽس اعجاز الاحسن پُڇيو ته هيڏو وڏو شهر آهي ۽ ڪا جاءِ خالي ناهي؟ جنهن تي ڊي سي سکر چيو ته اسان شهر کان ٻاهر جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *