Thursday , April 18 2024

سکر بئراج مان اڻسڃاتل لاشن ملڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

سکر بئراج مان ٻن عورتن سميت 7 لاش هٿ اچي چڪا، سڃاڻپ هڪ جي به نه ٿي

سکر (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سکر بئراج وٽان سنڌو درياهه مان گذريل ڪجهه ڏينهن دوران لاشن ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جن جي سڃاڻپ به ناهي ٿي سگهي ۽ ايڌي رضاڪارن لاوارث ڄاڻائي دفنائي ڇڏين ٿا، اڄ ڇنڇر ڏينهن به هڪ ئي وقت چئن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جنهن بعد ڪجهه ڏينهن دوران لاڳيتو هٿ آيل لاشن جو انگ 7 ٿي ويو آهي. شهرين کي سکر بئراج جي گيٽ نمبر 36 وٽ 3 ۽ گيٽ نمبر 41 وٽان هڪ لاش نظر آيو جن تُرت پوليس ۽ ايڌي کي اطلاع ڪيو. پوليس ۽ ايڌي رضاڪارن سکر بئراج جي  گيٽ 36 ۽ 41 وٽان لاش ڪڍي ايڌي سينٽر منتقل ڪيا ويا. پوليس ۽ ايڌي اختيارين جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاشن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته سکر بئراج جي گيٽ نمبر 41 تي به هڪ لاش نظر آيو. گذريل ڏينهن به ٻن عورتن جا لاش سکر بئراج جي گيٽ وٽان هٿ ڪيا ويا، جيڪي تمام گهڻا ڳريل هجڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي ۽ ايڌي اختيارين لاوارث ڄاڻائي دفنائي ڇڏيا هئا.

هي اٿؤ اسان جي سنڌ: ڪاڇي ۾ ماءُ ۽ پٽ اُڃ وگهي فوت

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *