Tuesday , April 23 2024

سڄي ملڪ ۾ آدمشماري جو ٻيو مرحلو، سنڌ جي رهيل 21 ضلعن ۾ سخت سيڪيورٽي هيٺ گهرشماري جاري _ آدمشماري جي پهرين مرحلي کي عالمي ادارن ساراهيو آهي:سينسز ڪمشنر

   census-karachi

ملڪ جي ٻين حصن جيان، سنڌ ۾ به آدمشماري جو ٻيون مرحلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن تحت گهرن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي 21 ضلعن ۾ گهرن جي ڳڻپ وارو مرحلو جاري آهي، جيڪو 3 ڏينهن تائين جاري رهندو.

آدمشماري جي ٻئي مرحلي دوران، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ، خيرپور، دادو، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد/نوابشاهه، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ، ميرپور خاص، بدين، ٺٽو، سجاول، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر، ڄامشورو۽ ٽنڊوالهيارشامل آهن.

سمورن ضلعن ۾ آدمشماري دوران سول عملي جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به مقرر ڪيو ويو آهي، جن جي سيڪيورٽي هيٺ سول، پوليس ۽ پاڪ آرمي جا جوان الڳ الڳ گهر شماري وارو فارم ٽو ڀريندا.

آدمشماري جي هن ٻئي مرحلي جي پهرين حصي ۾ ٺاهيل ٻن بلاڪن ، بلاڪ 1 ۽ بلاڪ 2 مان بلاڪ ون ۾ آدمشماري وارو ابتدائي مرحلو، 25 کان 27 اپريل تائين ٽن ڏينهن تائين فار ٽو (2) ڀريو پيو وڃي، جنهن ۾ گهر شماري ڪئي ويندي. گهرن جي ڳڻپ دوران شهرن ۽ بازارن ۾ دڪانن ۽ شاپنگ سينٽرز، ۽ نيون اڏجندڙ عمارتون/گهر به ڳڻيا ويندا.

census-karachi1census2

ان بعد 28 هين اپريل کان ڪٽنبن ۽ انهن ۾ شامل ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي جيڪا 7 مئي تائين جاري رهندي. 8 مئي تي بي گهر ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي.

جنهن بعد آدمشماري جي ٻئي مرحلي جو ٻيو حصو جنهن ۾ ٺاهيل بلاڪن مان بلاڪ ٽو_2 جي گهرن جي ڳڻپ شروع ڪئي ويندي جنهن ۾ به ساڳئي طريقي سان فارم ٽو_2 ڀريو ويندو جيڪو گهرن جي ڳڻپ تي مشتمل هوندو.

گهرن جي ڳڻپ دوران شهرن ۽ بازارن ۾ دڪانن ۽ شاپنگ سينٽرز، ۽ نيون اڏجندڙ عمارتون/گهر به ڳڻيا ويندا، جڪو عمل 11 کان 13 مئي تائين جاري رهندو. ان بعد 14 کان ڪٽنبن ۽ انهن ۾ شامل ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي جيڪا 23 مئي تائين جاري رهندي. ان مرحلي ۾ به بي گهر ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي جيڪو عمل 25 مئي تائين جاري رهندو.

پنجاب صوبي جي ميانوالي، خوشاب، سرگوڌا، جهلم ساهيوا ۽ اوڪاڙا سميت 22 ضلعا شامل آهن جن ۾ آدمشامري ڪئي ويندي.

خيبرپختونخوا صوبي جي بنو، ڪوهاٽ، ڪرڪ، ٽانڪ، مالاڪنڊ، اپر دير، لوئر دير سميت 18 ضلعن ۾ آدمشماري ڪئي ويندي.

بلوچستان جي صحبت پور، گوادر، لورالائي، قلعا صيف الله، ڪڇي/بولان، سبي هرنائي ۽ بارکان سميت 17 ضلعن ۾ آدمشماري جو ٻيو مرحلو 25 اپريل کان شروع ٿي رهيو آهي.

آزاد جمون ڪشمير جي 5 ضلعن، گلگت بلتستان جي به پنج ضلعن ۾ آدمشماري ڪئي ويندي.

آدمشماري جي ٻئي مرحلي لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن جي صورتحال

آدمشماري جي جي ٻئي مرحلي ۾ گهرن جي ڳڻپ لاءِ جيڪب آباد ضلعي ۾ 905 بلاڪ جوڙيا ويا آهن جڏهن ته 499 ٽيمز جوڙيون ويون آهن هرهڪ ٽيم  جي حفاظت لاءِ ٻه فوجي جوان ۽ پوليس اهلڪار شامل هوندا، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد پاران عملي کي سامان پڻ ڏنو ويو.

شڪارپور ضلعي ۾ به آدمشماري جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ضلعي کي 851 بلاڪس ۾ ورهايو ويوآهي. 255 بلاڪ ضعلي جي شهرن ۽ 596 ٻهرارڙي ۾ هوندا، 18سئو پوليس ۽ 1000 کان وڌيڪ فوجي ۽ رينجرز جا جوان فرض سر انجام ڏيندا.

سانگهڙ ضلعي کي آدمشماري لاءِ  170 سرڪلن ۽ 1196 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي. ضلعي اندر آدمشماري لاءِ 598 ٽيمون جوڙيون ويو ن آهن،هر ٽيم سان هڪ فوجي جوان،پوليس اهلڪار ۽ هڪ سول اهلڪار گڏ هوندو. ضلعي نوشهري فيروز ۾ آدمشماري لاءِ  پنجن تعلقن کي 1176 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي. ضلعي ۾ عملي کي سيڪيورٽي لاءِ 1300 فوجي جوانن ۽ 1327 پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

شهيد بينظير آباد/ نوابشاهه ضلعي ۾ آدمشاري لاءِ  ضلعي کي 1188 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي. ضلعي  ۾ آدمشماري لاءِ 765 ملازم مقرر ڪيا ويا آهن،جڏهن ته آدمشاري ڪندڙ هر ٽيم لاءِ هڪ پوليس اهلڪار،فوجي جوان پڻ مقرر ڪيو ويو آهي.

آدمشماري جي ٻئي مرحلي ۾ به تياريون مڪمل آهن، ڳڻپ کان رهجي ويندڙ شڪايت ڪن، ازالو ڪيو ويندو: سينسز ڪمشنر

census PC

 ملڪ جي 69 ضلعن ۾ آدمشماري جو ٻيو مرحلو سڀاڻي کان شروٿ ٿي آهي، چيف سينسس ڪمشنر آصف باجوا چيو آهي ته اڄ کان شروع ٿيندڙ آدمشماري جي ٻئي مرحلي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، يواين ايف پي اي ماهرن آدمشماري جي پهرين مرحلي کي ساراهيو آهي.

چيف سينسس ڪمشنر آصف باجوا اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڀاڻي کان اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي رهيل 69 ضلعن ۾ سڀاڻي کان آدمشماري جو ٻيو مرحلو شروع ٿي رهيو آهي ، جنهن تحت 3 ڏينهن گهر شماري ٿيندي ۽ 28 اپريل کان ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي.

چيف سينسس ڪمشنر چيو ته پهرين مرحلي ۾ 63 ضلعن ۾ ٿيل انتظامن کي ساراهيو ويو آهي ۽ يواين ايف پي اي ماهرن آدمشماري جي پهرين مرحلي جي تعريف  ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *