Friday , March 29 2024

سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جي فوتگين ۽ سنڌ ۾ مريضن جو تناسب تيزي سان وڌڻ لڳو

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا 2217، پنجاب ۾ 3391، ڪي پي ۾993،، بلوچستان ۾ 333مريض موجود

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) وزيراعظ۾ عمران خان پاران لاڪ ڊائون دوران اڏاوتي شعبي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪارخانا کولڻ واري اعلان کانپوءِ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن ۽ متاثرن جي فوت ٿيڻ واري تناسب ۾ تيزي اچي وئي آهي، گذرل ٻن ڏينهن دوران فوتين جو تناسب 2 ڏهائي هڪ مان وڌي 2 ڏهائي 6 تائين پهچي ويو آهي، ملڪ ۾ سرڪاري انگن اکر مطاب ق مجموعي طور فوتين جو انگ وڌي 137 ۽ غير سرڪاري انگن مطابق فوتين جو انگ 148 کان وڌيڪ آهي. ڪرونا وائرس سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي، اڄوڪي ڏينهن دوران  سترنهن ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي چڪا آهن، جنهن بعد سرڪاري انگن اکرن مطابق فوتين جو انگ 137 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 209 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، جن ۾ اڪثريت تبليغي مرڪزن ۾ ترسيل ماڻهن جي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي اڄوڪي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 209 وڌيڪ نوان ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڊيو پيغام جاري ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، صوبي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 47 ٿي ويو آهي، اسان ٽوٽل 2372 ٽيسٽ ڪيا آهن، جن مان 209 مثبت آيون آهن، صحتياب ٿيندڙن کي گهر موڪليو وڃي ٿو، مراد علي شاهه چيو ته تبليغي جماعت جا 132 ڪيسز آيا آهن، هو آئسوليشن ۾ آهن. ڪراچي کان باهر تبليغي جماعت کانسواءِ ٻيو ڪو نئون ڪيس ناهي ٿيو، جتي ڪراچي ۾ گهڻا ڪيس هوندا اُتي لاڪ ڊائون ۾ سختي ڪئي ويندي، اسان پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ ڀائرن سان گڏ آهيون.

اسلام آباد ۾ قائم نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، پنجاب ۾ 3 هزار 276، سنڌ ۾ 2 هزار 2 سئو 17خيبرپختونخواهه ۾ 993، بلوچستان ۾ 303، گلگت بلتستان ۾ 245، اسلام آباد ۾ 154 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 46 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، ڪرونا وائرس جا ڪيس ڌڙا ڌڙ ظاهر ٿي رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 497 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 7، سنڌ ۾ 4۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 135 ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ قائم نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 7 هزار 25 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، سنڌ ۾ 2 هزار 8، پنجاب ۾ 3هزار 676، خيبرپختونخواهه 993، بلوچستان ۾ 303، اسلام آباد ۾ 154، گلت 245 ۽ آزاد ڪشمير 46 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جاري ڪيل انگ اکرن موجب، سنڌ ڪورونا وگهي هن وقت تائين 45 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ به 45 ڄڻا ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿيا. جاري ڪيل انگ اکرن موجب، پنجاب ۾ 36، اسلام آباد ۾ هڪ، گلگت بلتستان 3، بلوچستان 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ هن وقت تائين ٽوٽل ٽيسٽون 6 هزار 264 ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ 84 هزار 704 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 17 سئو 65 صحتياب ٿي ويا آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *